ايس ايڇ آر سي طرفان مغوين جي آزادي لاءِ آءِ جي سنڌ کي مداخلت جي اپيل

ڪراچي(رپورٽر) ايس ايڇ آر سي ڪشمور اغوا ٿيلن مغوين جي آزادي نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو ، تڪڙا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن ضلعي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيلن جي آزادي نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ايس ايڇ آر سي انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس رفعت مختار ۽ گهرو کاتي سنڌ کي خط لکي اغوا ڪندڙن جي آزادي ۽ امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري مداخلت جي اپيل ڪري ڇڏي،  خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن هندو برادري ۽ سول سوسائٽي پاران ڪيل احتجاج جو جائزو وٺڻ ۽ ضلعي ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو جائزو وٺڻ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ مشن ضلعي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ موڪليو ويو، حقيقت ڳولڻ واري مشن جي اڳواڻي ميمبر بورڊ سُخديو اسرداس هيمناڻي ڪئي ۽ ايس ايڇ آر سي ٽيم تي مشتمل هئي.،جائزو وٺڻ تي مشن کي پوليس عملن جي شفافيت، رجسٽرڊ ڪيسن جي کوٽ، اغوا ڪندڙن جي تعداد ۾ اختلاف ۽ مجموعي طور تي پوليس تعاون جي حوالي سان مقامي پوليس جي خلاف عوام ۾ وڌندڙ بي اعتمادي محسوس ڪئي وئي، ڪميشن اختيارين تي زور ڀريو آهي ته هو اغوا جي جاچ لاءِ فوري ۽ جامع قدم کڻن، باقي سمورن اغوا ٿيندڙن جي محفوظ واپسي کي آسان بڻائين ۽ ڪيسن جي رپورٽنگ ۽ حل ۾ رڪاوٽ بڻيل سسٽم، رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.