سنڌ ۾ سرڪار ۽ پوليس چيف جي تبديلي باوجود ساڳيون حالتون آهن: اسدالله ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير ۽اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو گلشن معمار ۽ احسن آباد سميت  ڪراچي ۾ وڌنڌڙ اسٽريٽ ڪرائم تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي زور ڏنو آهي ته حڪومت شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت توڙي ڏوهن جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن شهري سُک جو ساهه کڻي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن احسن آباد ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪن شمائل صديقي جي والد جي وفات تي تعزيت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو،هن چيو ته  هٿياربند ماڻهو ٽولن جي شڪل ۾ عوام کان ڦُرلُٽ ڪري رهيا آهن، ميڊيا رپورٽس موجب سنڌ ۾ سرڪار ۽ پوليس چيف جي تبديلي باوجود حالتون جئين جو تئين آهن، هوڏانهن اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ممتاز عالم دين ۽ جامعه ابي بڪر اسلاميه جي مهتمم مولانا ضياء الرحمن مدني جي قتل جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي اڻڌري جانچ ۽ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.