”حسينه کوسو جا قاتل گرفتار ڪيو“ جيڪب آباد ضلعي ۾ مظاهرا،ڌرڻا

جيڪب آباد (رپورٽ:سڪندر سرڪي) حسينه کوسو جي قاتلن کي گرفتار ڪيو، جيڪب آباد سميت پوري ضلعي ۾ مظاھرا، ڌرڻا،  روڊ بلاڪ، وارثن پاران پوليس عملدارن جي جاچ تي عدم اعتماد ۽ اثر انداز ٿيڻ جون شڪايتون، پوليس ڪافي ماڻھن کي جاچ لاءِ گرفتار ڪري ورتو، جيڪڏھن پوليس حقيقي جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ته 18 سيپٽمبر تي ضلعي سطح تي ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو، 8 ڏينھن اڳ جيڪب آباد ۾ مبينه زيادتي کانپوءِ تشدد سان قتل ٿيل 10 سالن جي معصوم حسينه کوسو جي قاتلن جي گرفتاري نه ٿي سگھي، جيڪب آباد، ٺل، ڳڙهي خيرو، جونگل ۽ ٻين شھرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، مظاهرين چيو ته اٺ ڏينھن گذرڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ پوليس جي نااهلي جو ثبوت آهي ۽ اصل جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مقتولا جي وارثن ۽ شهري اتحاد جو اجلاس ٿيو، فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن حقيقي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪرڻ سان گڏ شٽر بند ھڙتال جي ڪال ۽ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.