جيڪب آباد ۾ معصوم ٻارڙي جي قتل خلاف مارچ ۽ ڌرڻو

جيڪب آباد(ڊر) جي يو آءِ، وارثن ۽ شھرين پاران 10 سالن جي حسينه کوسو جي بيدردي سان قتل، فطري ۽ غير فطري جڳهن تي زيادتي جا ڊاڪٽر جي انڪشاف  کانپوءِ به پوليس جي روايتي سستي ۽ جوابدارن جي عدم گرفتاري خلاف ڊاڪٽر اي جي انصاري جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جمعيت علماءِ اسلام، وارثن ۽ شھرين پاران جيڪب آباد شهر جي 10 سالن جي معصوم نياڻي جي بيگناھ ۽ بيدردي سان قتل ۽ ڊاڪٽر پاران فطري ۽ غير فطري جڳهن تي زيادتي، جوابدارن جي عدم گرفتاري ۽ پوليس جي روايتي سستي خلاف ھڪ احتجاجي مارچ جي يو آءِ جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبد الجبار رند، نياڻي جي والد محمد سھڻو کوسو، حافظ مير محمد بنگلاڻي، چاڪر خان جکراڻي، حاجي غلام نبي رند، تاج امروٽي، ڊاڪٽر آفتاب کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد ﷲ بخش پارڪ کان ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته پنج ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگھي آهي ايتري قدر جو ڊاڪٽر پاران ورتل سيمپلس ۽ ڪپڙا به ليبارٽري نه موڪلي سگھيا آھن، پوليس تي اعتماد ناهي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.