ماٿيلو بدفعلي اسڪينڊل: مولوي جو رمانڊ منظور، ايس ايڇ او معطل

ميرپور ماٿيلو( رپورٽر) ميرپورماٿيلو شهر جي پراڻي مارڪيٽ ۾ مسجد جي پيش امام مولوي عظيم سومرو جو نوجوان سان بدفعلي ڪرڻ جو  مولوي سميت ٻن ڄڻن مٿان ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي ڪيس داخل، مولوي گرفتار، ميرپور ماٿيلو پوليس پاران گرفتار ٿيل مولوي کي سيڪنڊ سول جج ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ پيش ، گرفتار ٿيل مولوي ٽن ڏينهن لاءِ ريمانڊ تي پوليس حوالي، تفصيل موجب ميرپورماٿيلو شهر جي پراڻي مارڪيٽ ۾ مسجد جي پيش امام مولوي عظيم سومرو پاران نوجوان طارق دايو سان بدفعلي ڪرڻ جو مولوي عظيم سومرو اياز چاچڙ مٿان ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي زنا جو ڪيس داخل ڪري مولوي عظيم سومرو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ميرپور ماٿيلو پوليس پاران گرفتار ٿيل مولوي عظيم سومرو کي سيڪنڊ سول جج ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت سڳوري پاران گرفتار ٿيل مولوي عظيم سومرو کي ٽن ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.