ڪشمير جي واديءَ ۾ آزادي جو سج اڀرڻ وارو آهي

وشال امير

دانيال جو پوڙهو پيءُ هڪدم اکين جي آبشار مان ٽِمندڙ ڳوڙهن کي نيڻن جي اداس ڍنڍ ۾ سانتيڪو ڪرڻ لڳي ٿو ۽ يادگيرين جي هڪ ميرڙي ڳنڍ تان مٽي ڦونڪي غور سان ڏسي ٿو ته اها ميرڙي پراڻي ڳنڍ صاف شفاف ۽ نڪوري ٿي نکري پوي ٿي۔ کيس ياد اچي ٿو ته جڏهن هُو هاءِ اسڪول جو شاگرد هيو تڏهن سندس واديءَ ۾ آزادي واري جدوجهد جو آغاز ٿيو هو، اهو زمانو شايد سال 1931ع جو هيو ۽ ان وقت شاعر مشرق علامه اقبال سموري خطي جي مسلمانن جي آزادي جي حمايت ۾ شعر پئي سرجيا۔

هُن کي ياد اچي ٿو 13 جولاءِ 1931ع ۾ سري نگر سينٽرل جيل اڳيان آزادي پسندن هڪ مظاهرو ڪيو هو، جنهن تي مڇرجي آزادي دشمن ۽ انگريزن جي ٽائوٽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن آزادي جي متوالن عاشقن مٿان هٿيارن جو مُنهن کولي ڇڏيا هئا ۽ نتيجي ۾ 17 ڪشميري شهادت جي رس پي ازلي ننڊ سمهي پيا هئا، ان وقت به چوڻ وارن چيو هيو اهي شهيد ڪنهن ڪوھ ڪاف تي آزادي جي شهزادي پريءَ کي وٺڻ ويا آهن.

دانيال جو پيءُ هڪ ٿڌو ساهه کڻندي جوان پٽ جي لاش تي نظر کُپائي ڇڏي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو اِهو سندس جوان پُٽ نه پر ڪشميري عوام جي انهن خوابن جو لاش آهي جيڪو 17 آڪٽوبر 1949ع ۾ اهڙي ريت اُڇلايو ويو هيو جو خبر ئي ڪونه ٿي پئي ته اهو وطن لاءِ وڙهندڙ ڪنهن شهيد سپاهي جو ڪفن ويڙهيل لاش آهي يا ڪنهن جلاوطن باغي جو بي ڪفن مڙهه!.

هندوستان آرٽيڪل 370 تيار ڪري ورتو هو جيڪو 26 جنوري 1950ع ۾ نافذ ڪيو ويو ان آرٽيڪل جا ٻه بنيادي نقطا هيا. هڪ نقطي موجب ڄمون ڪشمير هندوستان جي آزاد رياست هجڻ جو اقرار ڪيو ويو ۽ ٻئي  نقطي موجب ڄاڻايو ويو ته هن رياست کي خاص حيثيت حاصل آهي. اڳتي هلي 14 مئي 1954ع ۾ هڪ صدارتي آرڊيننس تحت آرٽيڪل 35 اي پڻ لاڳو ڪيو ويو جنهن تحت ڄمون ڪشمير کي هندوستاني آئين ۾ شامل ڪيو ويو ۽ واضح ڪيو ويو ته هن آرٽيڪل تحت ڪوبه غير ڪشميري هندوستاني ڪشمير ۾ ملڪيت خريد ڪري هتان جو مستقل رهائشي نٿو بڻجي سگهي.

دانيال جو پوڙهو پيءُ سوچي ٿو هي هندوستاني حڪمران ڪيڏا نه چالباز ۽ منافق آهن، ڪهڙي ريت ڪشميرين جي پاليل آزاديءَ وارن سمورن ڪبوترن جا پَرَ پٽي کين اڏامڻ کان معذور ڪندا پيا وڃن ۽ هنن معصوم ڪبوترن جي ڀڳل کنڀڙاٽين سان گڏ هاڻي ته سندن رهيل سهيل سکڻا کنڀ به صاف ڪري سندن سموري خوبصورتيءَ کي به بگاڙي ڇڏڻ جي منصوبابندي جوڙي ويندي رهي ٿي.

هُو سوچي ٿو هن واديءَ جي ماڻهن جيڪي خواب ڏٺا هيا، انهن جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ هنن ڪيتريون نه قربانيون ڏنيون آهن، انگ اکر سندس آڏو اچي وحشي ناچ نچي کيس ڊيڄارڻ لڳن ٿا، رڳو 1989ع کان 10 ڊسمبر 2019ع تائين 95471 معصوم ڪشميرين جو قتل عام ڪيو ويو، جن مان 7135 ڪشميري نوجوان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون عقوبتون سهندي شهيد ٿيا. 22910 عورتون بيوهه ٿيون ۽ 107780 ٻار يتيم ڪيا ويا، رڳو ان عرصي دوران 11175 نياڻين جون عصمتون لُٽيون ويون ۽ 194451 ملڪيتون ساڙي ڪشميري شهرين کي بي گهر ۽ بيروزگار ڪيو ويو.

دانيال جي پيءُ جو مُنهن هاڻي ٽامڻي هڻندو پيو وڃي، سندس مُٺيون ڀڪوڙبيون پيون وڃن ۽ سندس ڳاڙهيون لال ٿيندڙ اکين جي سامهون هاڻي هندوستاني وزير اعظم مودي جو ڀيانڪ ۽ هر هر مَٽجندڙ چهرو چٽو ٿيڻ لڳي ٿو، جيڪو ڪنهن مهل کيس سُوئر ته ڪنهن مهل ڪتو نظرجي ٿو، سُوئر توڙي ڪتي جي صورت ۾موديءَ جا ڏند بيگناهه ڪشميرين جي رت سان ڳاڙها لڳا پيا آهن،سندس واڇن مان رت ڳڙي زمين تي ٽمندو رهي ٿو، سندس ڳچي پاتل زنجير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي سندس طرفان آرٽيڪل 375 جي خاتمي وارو حڪم نامو لڙڪي رهيو آهي.

دانيال جي پيءُ کي اکين اڳيان هاڻي واديءَ جا سمورا گل ڪومائجڻ لڳن ٿا، وڻن تان پن ڇڻڻ لڳن ٿا، هوا ۾ رت هاڻي گدلاڻ ڦهلجڻ لڳي ٿي،کيس اڳ جيان هاڻي به سوين بيگناهه ڪشميري  پليٽ گنن جو نشانو بڻجندي، روز مرندي، عورتن جون عصمتون لٽجندي، ڀينرن جي نڙين ۾ ڳيچ اٽڪندي، ٻار يتيم ٿيندي ۽ پوڙهن ڪلهن تي لاش رکيل ڍرڪندڙ ڪجهه وکون اڳتي وڌندي نظرجن ٿيون. هاڻي سندس اندر ۾ رنج ۽ ڪروڌ ته وڌندو ٿو وڃي پر کيس محسوس ٿئي ٿو ته اهي ڪمزور مگر اڳتي وڌندڙ ڍرڪندڙ وکون آزادي جي ڪوهه ڪاف جبل طرف وڌي رهيون آهن، جتي لکين خوبصورت پرين جي وچ ۽ آزاديءَ جي جل پري موجود آهي، هُو پاڻ کي آزادي پريءَ جو عاشق شهزادو سمجهڻ لڳي ٿو ۽ مودي کي ڪو مروان جِنُ يا ديوُ سمجهندي ڀڻڪي اُٿي ٿو؛  مودي مِرون، مروان يقينن تون انسانيت جو دشمن آهين،تنهنجو ڀيانڪ چهرو دنيا سامهون وائکو ٿي چڪو آهي، دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته تون آزادي پريءَ کي قيد ڪرڻ ٿو چاهين، پر هاڻي تنهنجو راوڻ راڄ سڙي خاڪ ٿيڻو آهي ، تنهنجو اقتداري سج ٻڏڻ وارو آهي ،ڪشمير جي واديءَ ۾ آزاديءَ جو سج اڀرڻ وارو آهي، ڪشمير خوشين جي گيتن سان گونجڻ وارو آهي.

You might also like