ڪراچي(رپورٽر) ملڪ سميت سنڌ ۾ امام حسين جي ساٿين ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ماتمي جلوس نڪتا.ڪراچي ۾ به نشتر پارڪ نمائش کان نڪتل جلوس حسينيه ايرانيا امام بارگاهه کارادر وٽ پهچي ويو . امام حسين جي چهلم تي ڪراچي ۾ جلوس نشتر پارڪ کان ايم اي جناح روڊ کان امپريس مارڪيٽ واري رستي کان صدر کان ٿيندو حسينيا ايرانيا امام بارگاهه وٽ نهر ٿي ويو. ان موقعي تي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا. اهم عمارتن تي اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا. جلوس ۾ شريڪ ماڻهن ظهرين نماز ايم اي جناح روڊ تي ادا ڪئي. ان کان پوءِ ماتمي جلوس اڳتي نڪتو.