سڳيون سڙي ويون، وَٽ نه ويا! توهان هليو وڃو، دير سان اچڻ جي اعتراض تي مصطفيٰ ڪمال عورت صحافي مٿان ڏمرجي پيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جيڪب لائين ۾ سرڪاري ڊسپينسري جي افتتاح دوران صحت وارو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال دير ڪرڻ واري اعتراض تي صحافي مٿان ڏمرجي پيو.

ساڍي ڏهين واري ڏنل ٽائيم تي نه پهچڻ سبب عورت صحافي سخت گرميءَ توڙي پاڻي جي اڻهوند خلاف شڪايت ڪندي چيو ته سر اوهان ٽائيم ناهيو پهتا.

صحافي جي اهڙي اعتراض تي مصطفيٰ ڪمال غلطي مڃڻ بدران عورت صحافي تي ڏمرڪي پيو ۽ چيو ته خير ته آهي! مان ٽائيم تي آيو آهيان، جيڪڏهن توهان کي تڪليف آهي ته توهان اٿي هليا وڃو.

عورت صحافي بار بار پاڻي اڻهوند ۽ ڏنل ٽائيم بابت دانهيندي رهي پر مصطفيٰ ڪمال کيس چوندو رهيو ته توهان کي ڇا ٿيو آهي؟ گرمي مون ڪئي آهي ڇا؟ ان جو ذميوار مان ناهيان، توهان افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ بدران ئي هليا وڃو.

عورت صحافي مصطفيٰ ڪمال کي اهو به چيو ته اسان اهو ئي سوچو هو ته پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪيون پر هاڻي اوهان اچي ويا آهيو، جنهن جي جواب ۾ وفاقي وزير کيس ساڳي ئي ورندي ڏني ته توهان بائيڪاٽ ڪيو ۽ نڪري وڃو.

وفاقي وزير داٻي واري انداز ۾ عورت صحافي کي گهڙي گهڙي اهو چوندو رهيو ته خيريت ته آهي، خيريت ته آهي، ساڍي ڏهين جو مطلب يارهن ئي هوندو آهي. توهان پهريون ڀيرو آيا آهيو ڇا پروگرام ۾؟

You might also like