گورننس سڌارڻ جو نعرو ابتو ٿي رياستي مداخلت ۽ اختيارن جي ورڇ واري بحث ۾ تبديل، اسٽيبلشمينٽ پريشان

لاهور (رئوف ڪلاسرا)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي هڪ تقرير، جيڪا ظاهر ۾ رڳو هڪ سياسي بيان لڳي ٿي، ان ملڪ جي سياسي ۽ رياستي توازن بابت ڪيترائي نوان سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ تائين وزيراعظم هائوس ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ مڪمل هم آهنگي يا ”سيم پيج“ هجڻ جو تاثر ڏنو پئي ويو، پر هاڻي ساڳئي بيانيي ۾ واضح ڏار نظر اچڻ لڳا آهن. هي تقرير رڳو هڪ بيان نه، پر اهڙي ”چارج شيٽ“ بڻجي سامهون آئي آهي، جنهن نه رڳو حڪومت جي ساک کي چئلينج ڪيو آهي، پر طاقت جي مرڪزن جي لاڳاپن بابت به بحث کي جنم ڏنو آهي.

هن تقرير جو سڀ کان نمايان پهلو اهو هو ته محسن نقوي سڌي ريت وزيراعظم شهباز شريف جي ان بنيادي سياسي بيانيي تي تنقيد ڪئي، جنهن کي ”شهباز اسپيڊ“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن چيو ته رڳو 14 يا 18 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ سان بهتر حڪمراني جي ضمانت نٿي ملي. اهڙي ريت هن ان تصور کي چئلينج ڪيو، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان مسلم ليگ (ن) جي حڪمراني جو اهم بنياد رهيو آهي.

ساڳئي تسلسل ۾ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي حڪمراني واري انداز تي به اڻسڌي پر واضح تنقيد ڪئي وئي، جتي ليپ ٽاپ اسڪيم ۽ نقد مالي امداد جهڙن قدمن کي مؤثر حڪمراني بدران عارضي ۽ غير پائيدار حل قرار ڏنو ويو. ان کي رڳو پاليسي بابت اختلاف نه، پر اقتدار جي اندروني ڍانچي ۽ فيصلا سازي جي طريقي تي هڪ وسيع تنقيد طور ڏٺو پيو وڃي.

تقرير جو هڪ ٻيو اهم تضاد اهو به هو ته جڏهن سرڪاري طور سولين ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ سڌي رابطي جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي، تڏهن عوام آڏو اهڙي قسم جي تنقيد سامهون اچڻ ان دعويٰ جي ئي نفي ڪري ٿي. ان سبب اهو تاثر پيدا ٿيو ته يا ته رابطي ۾ ڪا خرابي پيدا ٿي آهي، يا پوءِ هي بيان طئي ٿيل حدن کان ٻاهر نڪري ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن تقرير کي رڳو هڪ معمولي سياسي بيان بدران هڪ اهم ادارياتي معاملي جي علامت سمجهيو پيو وڃي.

هن تقرير کانپوءِ عوامي ۽ ميڊيا جو ردعمل به اميدن کان مختلف رهيو. جتي ان کي گورننس جي سڌارن بابت بيان طور ساراهه ملڻ گهرجي هئي، اتي ان جي ابتڙ رياستي مداخلت ۽ اختيارن جي ورڇ بابت نئون بحث شروع ٿي ويو. نتيجي ۾ مقتدر حلقن کي ڪجهه وقت لاءِ دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پئي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) کي به پنهنجو سياسي بيانيون وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.

ان سڄي ڇڪتاڻ دوران پارٽي اندر به مختلف ردعمل سامهون آيا. شروعات ۾ ڪجهه اڳواڻن هن تنقيد جي حمايت ڪئي، پر انکان فوري پوءِ اعليٰ قيادت مداخلت ڪندي صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اڻ اعلانيل ”سيز فائر“ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کانپوءِ بيانن جي شدت ته گهٽجي وئي، پر اعتماد کي جيڪو ڌڪ رسيو، اهو مڪمل طور ختم نه ٿي سگهيو.

هن سڄي صورتحال کي هڪ مثال سان سمجهي سگهجي ٿو ته جيئن ڦاٽل ڪپڙي کي چَتي ته هڻي سگهجي ٿي، پر ان جا نشان مڪمل طور ختم نٿا ٿين، تيئن هتي به عارضي خاموشي ضرور قائم ٿي آهي، پر لاڳاپن ۾ پيدا ٿيل ڏار اڃا تائين موجود آهن.

گڏيل طور ڏسجي ته محسن نقوي جي تقرير نه رڳو حڪومت جي ڪارڪردگي، پر رياستي ڍانچي اندر طاقت جي توازن، رابطن جي طريقيڪار ۽ هڪ ٻئي تي اعتماد بابت به سنجيده سوال اٿاريا آهن. هاڻي سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته هي خاموشي ڪنهن وڏي سياسي طوفان کان اڳ وارو وقفو آهي يا وري پردي پٺيان اختلافن کي عارضي طور تي ضابطي ۾ آڻي نظام کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. هاڻوڪي صورتحال مان ايترو ضرور ظاهر ٿئي ٿو ته ”سيم پيج“ وارو بيانيون هاڻي اڳ وانگر مضبوط نظر نٿو اچي.

You might also like