لاهور (مزمل سهروردي)بلاول ڀٽو زرداري جو ”ٽِڪ ٽِڪ، ٽِڪ ٽِڪ“ وارو بيان نئين سياسي بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کي ظاهر ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت لاءِ الٽي ڳڻپ جو اعلان قرار ڏنو پيو وڃي. پر حالتون ٻڌائين ٿيون ته اهو رڳو سياسي نعرو نه، پر هڪ وڏي حڪمت عملي جو حصو آهي، جنهن جا اثر خود پيپلز پارٽي لاءِ به منجهيل ۽ ممڪن طور نقصانڪار ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته زميني حقيقتون ۽ انگن اکرن جي طاقت هن بيانيي جي مڪمل حمايت ڪندي نظر نٿيون اچن.
جيڪڏهن سڀ کان پهرين پنجاب جي ڳالهه ڪجي ته اتي مريم نواز جي اڳواڻي ۾ مسلم ليگ (ن) نه رڳو مضبوط سياسي حيثيت رکي ٿي، پر ٻه ٽهائي اڪثريت سبب ڪنهن به اتحادي جي سهاري جي محتاج به ناهي. ان ڪري ئي پيپلز پارٽي کي نه صوبي جي ڪابينا ۾ نمايان جاءِ ملي آهي ۽ نه ئي انتظامي معاملن ۾ ان جي راءِ کي اهميت ڏني وئي آهي، جنهن سبب بلاول ڀٽو جي ڏنل وارننگ عملي طور بي اثر نظر اچي ٿي.
اهڙيءَ ريت آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ به مسلم ليگ (ن) ٻيهر واضح برتري حاصل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي لاءِ اتي سياسي گنجائش ڏينهون ڏينهن محدود ٿيندي پئي وڃي. گلگت بلتستان ۾ به اتحادي ڪمزورين سبب ان جي حڪومت کي غير مستحڪم سمجهيو پيو وڃي. مجموعي طور ملڪ جي اهم علائقن ۾ پيپلز پارٽي جي پوزيشن ايتري مضبوط ناهي، جو اها وفاقي حڪومت تي فيصلائتو دٻاءُ وجهي سگهي.
وفاقي سطح تي انگن جي حساب سان به صورتحال وڌيڪ چٽي ٿي وڃي ٿي. مسلم ليگ (ن) پنهنجن اتحادين سان گڏ لڳ ڀڳ 170 سيٽن جي حمايت رکي ٿي، ۽ رهيل ٿوري کوٽ به ڪنهن به وقت پوري ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي ممڪن گڏيل حڪمت عملي به گهربل اڪثريت حاصل ڪندي نظر نٿي اچي، تنهن ڪري عدم اعتماد جي ڪنهن به تحريڪ جي ڪاميابي في الحال ڏکي نظر اچي ٿي.
ان کانسواءِ جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿي وڃي ٿي ته مسلم ليگ (ن) وٽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي صورت ۾ هڪ متبادل سياسي رستو موجود آهي، جنهن وسيلي اها نه رڳو پنهنجي عددي برتري برقرار رکي سگهي ٿي، پر حڪومت هلائڻ لاءِ نئون سياسي توازن به قائم ڪري سگهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي کي سياسي طور وڏو نقصان پهچي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته گورنر جهڙا اهم عهدا به ان جي هٿن مان نڪري سگهن ٿا ۽ وفاق ۾ ان جو اثر گهٽجي سگهي ٿو.
هن سموري منظرنامي جو هڪ اهم پاسو آصف علي زرداري جي سياسي حيثيت پڻ آهي، جيڪو هن وقت صدر جي حيثيت سان هڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پر جيڪڏهن پيپلز پارٽي اپوزيشن ۾ هلي وڃي ٿي ته سندس ڪردار گهڻي حد تائين رسمي بڻجي سگهي ٿو ۽ هو عملي سياست ۾ پنهنجي موجوده اثر کي برقرار رکي نه سگهندو، جنهن جو اثر پارٽي جي مجموعي حڪمت عملي تي به پئجي سگهي ٿو.
ان دوران هڪ ٻي اهم اڳڀرائي احتساب واري اداري نيب جي سرگرمين جي صورت ۾ سامهون اچي رهي آهي، جيڪو بظاهر سياسي ڇڪتاڻ کان هٽي مالي بي ضابطگين ۽ زمينن سان لاڳاپيل وڏن ڪيسن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. اربين رپين جي وصولين ۽ هزارين ايڪڙ زمين واپس ڪرائڻ جهڙن قدمن مان ظاهر ٿئي ٿو ته رياستي مشينري جو هڪ حصو پنهنجي ترجيحن ۾ تبديلي آڻي چڪو آهي، جنهن جا اڻسڌا اثر سياسي منظرنامي تي به پئجي سگهن ٿا.
گڏيل طور هن سڄي صورتحال جو جائزو وٺجي ته بلاول ڀٽو جو ”ٽِڪ ٽِڪ“وارو بيانيون هڪ پاسي جارحاڻي سياسي حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿو، ته ٻئي پاسي اهو خدشو به موجود آهي ته اهو قدم پيپلز پارٽي کي سياسي اڪيلائي ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو. هاڻوڪي هائبرڊ نظام ۾ ڪنهن به وڏي سياسي جماعت لاءِ مڪمل محاذ آرائي جو رستو اختيار ڪرڻ آسان ناهي. جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) پنهنجي متبادل اتحاد ۽ عددي برتري سان 2029ع تائين پنهنجو سياسي سفر جاري رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي، ته پوءِ اهو سوال وڌيڪ اهم بڻجي ويندو ته ڇا پيپلز پارٽي ايتري ڊگهي سياسي اڪيلائي ۽ دٻاءُ کي برداشت ڪري سگهندي يا بلاول ڀٽو جي اها ”ٽِڪ ٽِڪ“آخرڪار سندس پنهنجي سياسي حيثيت لاءِ ئي هڪ ڏکيو امتحان ثابت ٿيندي.