ڪراچي صوبو، هزارا تحريڪ ۽ اسٽيبلشمينٽ، نون صوبن پٺيان ڪهاڻي ڪهڙي؟

اسلام آباد (طلعت حسين)پاڪستان جي هاڻوڪي سياسي صورتحال ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ کي رڳو عارضي يا ذاتي اختلاف نٿو سمجهيو وڃي، پر اها هڪ گهري ۽ منجهيل سياسي حڪمت عملي جو عڪس نظر اچي ٿي، جتي ظاهر ۾ بيانن جو ٽڪراءُ، حقيقت ۾ طاقت جي مختلف مرڪزن وچ ۾ توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش محسوس ٿئي ٿو.

انهيءَ پسمنظر ۾ هڪ اهم سوال اڀري ٿو ته آخر وزيراعظم جي ڪابينا جو هڪ اهم ميمبر اهڙو موقف ڇو اختيار ڪري رهيو آهي، جيڪو سڌيءَ ريت پنهنجي ئي پارٽي جي قيادت لاءِ سياسي ۽ اخلاقي چئلينج بڻجي رهيو آهي؟ ڇا اهي بيان سندس ذاتي سوچ جو نتيجو آهن يا انهن جي پٺيان ڪنهن بااثر ڌر جي واضح ۽ اڳواٽ طئي ٿيل پاليسي ڪم ڪري رهي آهي؟

اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مسلم ليگ (ن) ڊگهي صلاح مشوري کان پوءِ هڪ محتاط، پر ٻٽو سياسي لائحه عمل اختيار ڪيو آهي، جنهن تحت وفاقي سطح تي ٽڪراءَ کان پاسو ڪندي رابطن ۽ مفاهمت کي ترجيح ڏني پئي وڃي. ان جو چٽو مثال وزيراعظم شهباز شريف ۽ محسن نقوي جي تازي ملاقات آهي، جنهن کي ظاهر ۾ رسمي قرار ڏنو ويو، پر حقيقت ۾ ان جو مقصد وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ بيانيي جي ٽڪراءَ کي ضابطي ۾ رکڻ هو.

ان ملاقات دوران محسن نقوي پنهنجي تڪراري بيانن، خاص ڪري ڪاروباري برادري ۽ وزيراعظم جي ڪم جي وقتن بابت وضاحت پيش ڪئي. جيتوڻيڪ پارٽي جي اهم اڳواڻن، جن ۾ خواجه آصف، رانا ثناءُ الله ۽ خرم دستگير شامل آهن، انهن بيانن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي، پر پارٽي قيادت في الحال ٽڪراءَ بدران مفاهمت کي ترجيح ڏني. ملاقات جون تصويرون جاري ٿيڻ کي به ان ڳالهه جي علامت سمجهيو پيو وڃي ته مسلم ليگ (ن) نٿي چاهي ته هي معاملو اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن ۾ خرابي جو سبب بڻجي.

ٻئي پاسي پنجاب ۾ صورتحال مختلف نظر اچي رهي آهي، جتي وڏي وزير مريم نواز جي اڳواڻيءَ ۾ وڌيڪ جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي. صوبي جي حڪومت واضح پيغام ڏنو آهي ته حڪمراني يا انتظامي معاملن بابت ڪنهن به ٻاهرين تنقيد کي برداشت نه ڪيو ويندو.

انهيءَ سلسلي ۾ ترجمان عظميٰ بخاري، محسن نقوي جي بيانن جو سخت جواب ڏئي، نه رڳو سياسي بيانيي ۾ توازن آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پارٽي ڪارڪنن کي اهو به يقين ڏياريو ته صوبي جي سطح تي مسلم ليگ (ن) ڪنهن به دٻاءَ آڏو نه جهڪي آهي.

اهڙيءَ ريت وفاق ۾ مفاهمت ۽ پنجاب ۾ مزاحمت واري هيءَ ٻٽي حڪمت عملي دراصل سوچي سمجهي سياسي توازن قائم رکڻ جي ڪوشش آهي، ته جيئن نه رڳو حڪومتي اتحاد برقرار رهي، پر پارٽي جي اندروني ساک به متاثر نه ٿئي.

هن سموري صورتحال جو سڀ کان اهم پاسو اهو آهي ته مسلم ليگ (ن) محسن نقوي واري معاملي کي اسٽيبلشمينٽ سان سڌي ٽڪراءَ جو سبب بڻائڻ کان پاسو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته پارٽي قيادت ان نتيجي تي پهتي آهي ته محسن نقوي جا بيان ڪنهن حد تائين بااثر حلقن جي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا.

جڏهن ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان نون صوبن“ بابت خيالن جي اڻسڌي حمايت سامهون آئي، تڏهن مسلم ليگ (ن) فوري طور پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪندي شخصيتن بدران پاليسين تي بحث کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي.

نون صوبن جي قيام جو معاملو پاڻ مسلم ليگ (ن) لاءِ به وڏو امتحان بڻجي ويو آهي. هڪ پاسي ايم ڪيو ايم ۽ هزارا صوبي جي تحريڪ جهڙيون ڌريون ان مطالبي کي وڌيڪ هٿي ڏئي رهيون آهن، ته ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) هن حساس معاملي کي هڪ ڪميشن حوالي ڪري، ان کي آهستي هلندڙ آئيني مال گاڏي“تي چاڙهڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، ته جيئن تڪڙا فيصلا ڪرڻ کان بچي سگهجي.

تنهن هوندي به پارٽي کي اهو خدشو آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ طرفان حڪمراني يا انتظامي سڌارن جي نالي ۾ دٻاءُ وڌيو، ته اهو ئي معاملو اوچتو راڪيٽ“جي رفتار سان اڳتي وڌي سگهي ٿو، جنهن لاءِ پارٽي هن وقت مڪمل طور تي تيار نظر نٿي اچي.

ساڳئي وقت پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپا به هڪ دلچسپ تضاد جو شڪار آهن. ظاهر ۾ بلاول ڀٽو جا سخت بيان ۽ ٽِڪ ٽِڪ“ جهڙا سياسي اشارا ڇڪتاڻ ظاهر ڪن ٿا، پر حقيقت ۾ ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جي سياسي ضرورت بڻجي چڪيون آهن، خاص ڪري 18هين آئيني ترميم ۽ صوبائي خودمختياري جهڙن معاملن تي. ان ڪري پردي پٺيان خاموش مفاهمت برقرار رکڻ ٻنهي جي مفاد ۾ سمجهيو پيو وڃي.

گڏيل طور مسلم ليگ (ن) جي هاڻوڪي حڪمت عملي اها نظر اچي ٿي ته محسن نقوي واري معاملي کي محدود دائري ۾ رکيو وڃي ۽ ان کي ڪنهن وڏي اداري واري ٽڪراءَ ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏنو وڃي. تنهن هوندي به سياسي منظرنامي ۾ گردش ڪندڙ اطلاعن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ حڪمراني ۽ انتظامي ڍانچي بابت ڪي اهم فيصلا يا وڏيون تبديليون سامهون اچي سگهن ٿيون.

You might also like