نوجوانن جي جدوجهد ۽ تاريخ جا رستا

عامر حسين ميراڻي

ڇا هر اهو نوجوان، جيڪو اڄ انصاف لاءِ روڊ تي ويٺو آهي، سڀاڻي ظلم جو ساٿي بڻجي ويندو؟ جيڪڏهن جواب ها آهي، ته پوءِ تاريخ ۾ ڪنهن به تحريڪ کي جنم وٺڻ جو حق ئي نه هو. تاريخ جي سڀ کان وڏي ستم ظريفي اها آهي ته اها ڪڏهن به مڪمل انسانن جي انتظار ۾ نه ويٺي آهي. جيڪڏهن تاريخ انتظار ڪري ها ته پهرين سڀ ماڻهو مڪمل شعور، بي عيب ڪردار ۽ غير متزلزل نظريي جا مالڪ ٿين، پوءِ جدوجهد شروع ٿئي، ته شايد اڄ دنيا ۾ ڪنهن به انقلاب، ڪنهن به آزاديءَ جي تحريڪ ۽ ڪنهن به سماجي تبديليءَ جو وجود نه هجي ها.

انسان پهرين تاريخ نٿو سمجهي، هو پهرين تاريخ کي جيئي ٿو. هو پهرين ناانصافيءَ سان ٽڪرائجي ٿو، پوءِ ان جي سببن بابت سوچڻ شروع ڪري ٿو. هو پهرين احتجاج ڪري ٿو، پوءِ احتجاج جي فلسفي کي سمجهي ٿو. شعور جو جنم ڪتابن جي خاموش صفحن ۾ نه، پر زندگيءَ جي شور، تڪرار ۽ جدوجهد جي وچ ۾ ٿيندو آهي.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سامهون ويٺل نوجوانن کي به هن وسيع تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. ممڪن آهي ته انهن مان ڪيترن جو پهريون مقصد رڳو پنهنجي حق، پنهنجي نوڪري يا ميرٽ جو تحفظ هجي. پر ڇا هر تحريڪ پنهنجي پهرين ڏينهن ئي پنهنجي آخري منزل کان واقف هوندي آهي؟ ڇا هر ماڻهو، جيڪو رستي تي نڪري ٿو، شروعات کان ئي تاريخ جي سمورن تضادن کي سمجهي ٿو؟ اهو سوال رڳو اڄ جو نه آهي پر اهو سوال صدين کان هر سماج اڳيان بيٺو آهي.

ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته هن جدوجهد مان نڪرندڙ ڪيترائي نوجوان سڀاڻي بيوروڪريسي جو حصو بڻجي، انهيءَ ساڳئي نظام جي خدمت ڪندا، جنهن خلاف اڄ نعرا هڻي رهيا آهن. هي خدشو بي سبب ناهي. طاقت جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀريل آهي، جتي مزاحمت ڪندڙ اقتدار ۾ وڃي اقتدار جا محافظ بڻجي ويا. پر ڇا مستقبل جي انهيءَ امڪان جي بنياد تي موجوده جدوجهد جي اخلاقي حيثيت ختم ٿي وڃي ٿي؟

هتي ئي فلسفي جو بنيادي سوال جنم وٺي ٿو.جيڪڏهن اسين هر تحريڪ کي ان جي ممڪن انجام سان پرکينداسين، ته پوءِ شايد ڪا به تحريڪ پنهنجي شروعاتي مرحلي ۾ جائز نه رهندي. پوءِ مزدور پنهنجي اجرت لاءِ نه وڙهن، ڇو ته سڀاڻي ڪو مزدور ڪارخاني جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو. شاگرد تعليم لاءِ احتجاج نه ڪن، ڇو ته سڀاڻي انهن مان ڪو حڪمران طبقي جو حصو بڻجي سگهي ٿو. صحافي اظهار جي آزادي نه گهرن، ڇو ته سڀاڻي ڪو طاقت جي آڏو جهڪي سگهي ٿو. هي منطق آخرڪار انسان کي جدوجهد کان وڌيڪ مايوسي سيکاريندو. سوال اهو ناهي ته سڀاڻي ڪير بدلجندو. سوال اهو آهي ته اڄ ڪير ظلم جي سامهون خاموش بيهڻ کان انڪار ڪري ٿو.

هر دور ۾ اهڙا ماڻهو رهيا آهن، جيڪي نامڪمل جدوجهدن کي بي معنيٰ سمجهندا رهيا. انهن جو خيال هوندو آهي ته جيستائين تحريڪ مڪمل نظرياتي شعور سان ليس نه هجي، تيستائين ان جي ڪا خاص اهميت ناهي. پر تاريخ جو تجربو ان جي ابتڙ آهي. وڏيون تبديليون اڪثر ننڍن سوالن کان شروع ٿيون آهن. هڪ معمولي لڳندڙ ناانصافي، جيڪڏهن ماڻهن جي اجتماعي ضمير کي ڇهي وڃي، ته اها سماج جي گهري تضادن کي ظاهر ڪرڻ لڳندي آهي. ان ڪري ڪنهن به احتجاج کي صرف ان جي ظاهري مطالبي سان نه پرکڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن هڪ ننڍڙو مطالبو به هڪ وڏي سماجي بيچينيءَ جي علامت بڻجي ويندو آهي.

سنڌ جي نوجوانن جو موجوده احتجاج به شايد اهڙي ئي بيچينيءَ جو اظهار آهي. اهو صرف نوڪري حاصل ڪرڻ جي خواهش نه، پر ان احساس جو اظهار به آهي ته جڏهن ادارن تان اعتماد کڄي وڃي، جڏهن ميرٽ جي جاءِ سفارش وٺي، جڏهن قانون جي جاءِ سياسي سرپرستي اچي بيهي، تڏهن نوجوان پنهنجي مستقبل کي غير محفوظ محسوس ڪرڻ لڳندو آهي.

هتي ترقي پسند ۽ قومي سياست جي ذميواري شروع ٿئي ٿي. ترقي پسند قوتن جو ڪم اهو ناهي ته نوجوانن کان پڇن: "اوهان سڀاڻي ڇا ٿيندؤ؟” بلڪه کين اهو سمجهائڻ آهي ته "اوهان اڄ ڇو وڙهي رهيا آهيو، ۽ اوهان جي هن جدوجهد جا سماجي ۽ تاريخي مطلب ڪهڙا آهن.” سياست جو اصل امتحان ماڻهن جي نيت کي پرکڻ نه، پر سندن شعور کي وسيع ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ڪنهن نوجوان جي  مزاحمت جي دنيا اڄ صرف ميرٽ تائين محدود آهي، ته شايد سڀاڻي اها جمهوريت، قومي حقن، طبقاتي استحصال ۽ سماجي انصاف تائين به پهچي سگهي. پر جيڪڏهن اسين اڄ ئي کيس مستقبل جو "ڪامورو” قرار ڏئي ڇڏينداسين، ته اسين سندس شعور جي واڌ جا سڀ دروازا پاڻ بند ڪري ڇڏينداسين.

تاريخ جا رستا هميشه صاف، سڌا ۽ يقيني ناهن هوندا. اهي تضادن، غلطين، اميدن ۽ ناڪامين مان گذرندا آهن. پر هڪ ڳالهه يقيني آهي: جيڪو سماج پنهنجي نوجوانن کي جدوجهد ڪرڻ کان اڳ ئي شڪ جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ڇڏي، اهو سماج آهستي آهستي پنهنجي مستقبل تي به بي اعتمادي ڪرڻ لڳندو آهي. تنهن ڪري اصل سوال اهو ناهي ته هي نوجوان سڀاڻي ڪهڙا آفيسر بڻجندا؛ اصل سوال اهو آهي ته اڄ هنن جي جدوجهد مان ڪهڙو شعور جنم وٺي سگهي ٿو. ڇو ته تاريخ اسان کي اهو سيکاري ٿي ته شعور تيار ٿيل صورت ۾ نٿو ملي پر شعور جدوجهد جي باهه مان گذري پنهنجو وجود ٺاهيندو آهي.

You might also like