حيدرآباد (رپورٽر)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف موومينٽ فار دي ريسٽوريشن آف ميرٽو ڪريسي ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ٿڌي سڙڪ حيدرآباد ۾ ايس پي ايس سي جي آفيس سامھون لڳل احتجاجي ڪيمپ 8 ڏينهن مڪمل ٿي ويا، احتجاج کي شاگردن خطاب ڪندي چيو آھي اسان مزاحمت جا نوان بنياد رکيا آھن ، وفاقي گھرو وزير محسن نقوي چوي ٿو ته ھن ملڪ جا ڪاڪروچ ڪنھن وڏي تبديلي جو سبب بڻجي سگھن ٿا اسين حڪمرانن کي ٻڌائڻ گھرون ٿا ته سنڌ جا نوجوان ڪاڪروچ نه پر لطيف جي سُرن ۽ سنڌ جا وارث آھن، احتجاجي ڪيمپ کي 8 ڏينھن مڪمل ٿيا ڪيمپ تي 24 ڪلاڪ نوجوانن جي موجودگي رھي، گذريل رات سيف سميجو اسين سنڌي آھيون ماڻھو امن امان ٿا چاھيون، وارا امن جا گيت ڳائي نوجوانن کي تخليقڪارن جي گڏ ھجڻ جو احساس ڏياريو ڪيمپ تي وفدن جو اچڻ جو سلسلو ھلندڙ آھي، سورٺ سنڌو، ڊاڪٽر ورثا، ايڊووڪيٽ محب آزاد، ايڊووڪيٽ جعفر علي شاھ ،لال چند ، فياض شر، ايڊووڪيٽ ڌڻي بخش، پروفيسر يعقوب چانڊيو سميت سوين سول سوسائٽيءَ، ليکڪن ، نوجوانن پھچي نوجوانن سان ٻڌي جو اظھار ڪيو، سڄي سنڌ جي نوجوانن جي احتجاج باوجود سول سوسائٽيءَ جي نمائندن ٻڌايو ته حڪومت جو ڪو به نمائندو ميرٽ جي لتاڙ خلاف ھن احتجاجي ڪيمپ تي ناھي آيو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ بند ڪيو، ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن زبيع الله، فخرالزمان کوھارو، سڪي لڌو چانڊيو، حنيف جوکيو، ڊاڪٽر طارق سھتو ، فرمان علي ملگاڻي چيو آھي ته ھر گذرندڙ ڏينھن اسان کي نوان حوصلا ڏئي رھيو آھي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف لڳل احتجاجي ڪيمپ تي متحده قومي موومينٽ جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر راشد خان وفد سميت پھتو ۽ نوجوانن سان ملاقات ڪئي.