ڪوٽڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ شبير ساند بيدردي سان قتل

ڪوٽڙي(رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ شبير ساند بيدردي سان قتل، سياسي سماجي ڌرين ۾ تاءُ پکڙجي ويو، رات جو دير سان جوابدارن قومي عوامي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ، علمي ادبي شخصيت 65 سالن جي ڪامريڊ شبير ساند کي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو، اوطاق مان لاش مليو، قتل ۾ استعمال ٿيل چاقو ڇت تان مليو،مقتول جو موبائل فون به کڄي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪوٽڙي سائيٽ جي مسڪين ڪالوني واسي قومي عوامي تحريڪ جي سرگرم سياسي اڳواڻ شبير ساند جو سندس معذرون خاص قائم ڪيل اسڪول ڀرسان ڳلو ڪپيل لاش مليو، واقعي جي اطلاع تي سوين رهواسي، وارث، قومپرست ڌرين جا اڳواڻ پهچي ويا جن پوليس کي اطلاع ڪيو ۽ ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو، ايس ايڇ او سائيٽ سميت پوليس پهتي ڪرائم سين جي ٽيم شاهديون گڏ ڪري لاش ايڌي جي گاڏي ۾ رکرائي پوسٽ مارٽم لاءِ ڪوٽڙي جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو جتي قومپرست ڌرين جي اڳواڻن، ڪارڪنن، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن، شهر ۽ صحافي وڏي انگ ۾ پهتا، لاش ضروري ڪاروائي بعد گهر منتقل ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو، مقتول شبير ساند جي قتل بابت ڊي ايس پي ڪوٽڙي جو چوڻ هو ته اسان کي جئين ئي خبر پئي ته واقعي واري هنڌ پهتاسين اسان کي واقعي ۾ استعمال ٿيل اوزا چاقو ڇت تان مليو، اسان فون ڊيٽا جا تفصيل گڏ ڪيون پيا، چاقو جو فرانزڪ ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد موڪلڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي آھي، پنج ڏينهن اندر فرانزڪ رپورٽ اچي ويندي ان مان گهڻو پتو پئجي ويندو شاهديون گڏ ڪري قاتل تائين پهچنداسين، مقتول جي وارثن کان بيان ورتا آھن اسان کي شڪ لڳي ٿو دشمني جو عنصر شامل آھي وڌيڪ جاچ ۾ خبر پوندي، ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر خالد حسين موجب تيز ڌار سان ڳلي جو هڪ پاسو ڪٽيو ويو انهي مان رت گهڻو وهڻ سبب موت واقعي ٿيو هن جوابدارن سان مزاحمت ڪئي ان جا نشان ۽ ڪپڙن ۾ مٽيءَ لڳڻ جا واضع نشان مليل آھن، جسم تي رهڙون مزاحمت جون اٿس، هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، مقتول شبير ساند جي جنازي نماز ڪوٽڙي سائيٽ ۾ ادا ڪئي وئي جتي وڏي انگ ۾ سياسي سماجي ڌرين جا اڳواڻ ۽ شهري رهواسي سنڌ بارڪائونسل جو ميمبر ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو، جسقم آريسر اڳواڻ عبدالفتاح چنا، جسقم اڳواڻ ديدار شام، قاري وزير مجاهدي، صحافي ڌڻي بخش باريجو، صحافي جبار ڪابور مقصود جهتيال، خدا بخش وڪيجو سيمت ڪيترائي ماڻهو شامل ٿيا،جنازي نماز بعد خدا جي بستي مقامي قبرستان ۾ سندس مڙھ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٻئي پاسي مقتول جي پٽ خادم ساند دانهيندي چيو ته بابا وٽ مهمان جام ايندا هئا اسان جي دشمني ناهي ظالمن ظلم ڪيو آھي بابا کي قتل ڪري بابا جو موبائل فون به کڻي ويا آهن لڳو ٿو ٽارگيٽ ڪري بابا کي قتل ڪيو ويو آھي اميد ته مون سان انصاف ٿيندو، مان  معذور آھيان بابا منهنجي سياسي علمي تربيت ڪئي بابا شريف ماڻهو هو سڄي ڄمار سنڌ جي حقن لاءِ پتوڙيو رسول بخش پليجي جو سياسي شاگرد هو ڪافي وقت کان قومي عوامي تحريڪ ۾ سرگرم هو جتي سنڌ جو سڏ ٿيندو هو بابا اتي پيرين پنڌ پهچي ويندو، بابا جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like