ملڪ کي هر هر نئين امتحان طرف نه ڌڪيو!

غلام حسين لغاري

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيٺ اندر جون ڳالهيون، وفاق ۽ طاقتورن جي نيتن کي اندر ۾ سانڍي نه سگهيو. جيڪو ڪجهه اندر ۾ هئس، اهو اوڳاري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو اٿس. هاڻ صوبن جي قديمي قومن ۽ ماڻهن کي محسن نقويءَ جي ڪڍيل ڪالهوڪي اوڳر تي ڪهڙو ردعمل ڏيڻو پوي ٿو، اهو في الحال ته مڙوئي پورو سارو آهي، پر ان اوڳر جا اڳتي هلي ڪجهه ڳرا نتيجا نڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته جيڪي موجوده حالتون آهن، اهي ٻڌائين پيون ته سنڌ سميت ڪو به صوبو پنهنجي سڃاڻپ تان هٿ شايد ئي کڻي. جي کڻي به، ته اهي فيصلا ايوب دور جي مڙهيل ون يونٽ جيان اڳتي هلي ڪمزور ٿي پنهنجو پاڻ ڊهي پوندا ۽ ملڪ مضبوط ٿيڻ بدران ڪمزور ٿي ويندو، ۽ ايئن پنهنجو وجود وڃائي ويهندو جيئن 1971ع ۾ وڃائجي چڪو آهي.

صدر مملڪت آصف علي زرداري، جنهن کي مفاهمت واري معاهدي تحت ايوان صدر ۾ هڪ ڀيرو ٻيو موقعو ڏئي ويهاريو ويو هو، ان جا نتيجا هاڻ اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته هو سگهارين قوتن جي ويجهو ۽ پيارو آهي، ن ليگ ۽ پ پ پ وچ ۾ هڪ پل جيان سهارو بڻيل آهي. 2024ع وارين عام چونڊن کانپوءِ اتحاد جوڙائي وفاق کي سگهارو بنائڻ لاءِ وفاق ۾ اتحادي فارم 47 واري حڪومت جڙي ۽ فارم 45 وارن کي زبردستي واڙيو ويو، جنهن جو اعتراف هاڻ خود پ پ پ به ڪري رهي آهي. ن ليگ حڪومت مٿان فارم 47 واري حڪومت جا الزام صرف انهيءَ ڪري مڙهي رهي آهي جو آزاد ڪشمير پ پ پ جي هٿن مان هليو ويو آهي ۽ کيس ڊپ آهي ته متان ايندڙ وقت ۾ ايوان صدر به نه وڃائي ويهي. پ پ پ جي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداريءَ جو اندازِ خطاب ۽ تقريرون ظاهر ڪن ٿيون ته پ پ پ سڀ ڪجهه ملڻ جي باوجود هن وقت جارحاڻو انداز اختيار ڪري چڪي آهي، سو به تڏهن جڏهن خطي ۾ جنگي جنون جاري آهي ۽ ملڪ کي اندروني توڙي ٻاهريان مسئلا درپيش آهن.

صدر آصف علي زرداريءَ جو خاموشيءَ سان بلاول هائوس ڪراچيءَ تي اچڻ ۽ مٿان ساڻس ويجهو رهندڙ وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ سان ڊگهي ملاقات ڪرڻ، ۽ وري پريس ڪانفرنس ڪري ان ۾ ملڪي نظام جي تباهيءَ جو اعتراف ڪرڻ، انتظامي يونٽن جي حوالي سان دليل ڏيڻ ۽ انهن جي ممڪنه قيام جا اشارا ڪرڻ، ملڪ بالخصوص سنڌ جي سياسي ۽ عوامي حلقن کي ٻڏتر ۾ وجهي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته آخر اها ڪهڙي ڪڙي هئي جو گهرو وزير کي بلاول هائوس پهچي صدر آصف زرداريءَ سان ملاقات ڪرڻ بعد انتظامي يونٽن جي حق ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي، جيڪا هو اسلام آباد ۾ به ڪري پئي سگهيو. سياسي ۽ عوامي حلقا وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ جي صدر آصف زرداريءَ سان ٿيل ملاقات کي هن رخ سان به ڏسن ٿا ته صدر زرداري ويهن ڏينهن کان ججن جي مقرريءَ بابت تحفظات رکيا آهن، جو پ پ پ جي نامزد ججن کي پاسيرو رکندي نوٽيفڪيشن تيار ڪئي وئي آهي، جنهن تي هن صحيح ڪرڻ کان جواب ڏنو هو. جنهن کي مڃرائڻ لاءِ محسن نقويءَ کي موڪليو ويو هو، ۽ صدر جي جواب بعد محسن نقويءَ جو ايم ڪيو ايم کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ ويهي ايم ڪيو ايم جي دل جي ڳالهه ورجائڻ، پ پ پ کي پريشر هيٺ آڻڻ لاءِ هو. اهي به چئوٻول آهن ته صدر زرداريءَ کي ايوان صدر مان ٻاهر ڪڍڻ جو اصولي فيصلو ٿي چڪو آهي، جنهن سان ن ليگ جي وفاقي حڪومت کي ڪنهن به لوڏي اچڻ جو خطرو درپيش نه ايندو، البته پ پ پ مشڪلاتن جي ور چڙهي ويندي.

ايم ڪيو ايم کي مليل ڇوٽ، وفاق پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ مليل مخصوص فنڊ، ڪمن جي شروعات، ۽ ايم ڪيو ايم پاران شروع ڪيل انتظامي يونٽن يا وري الڳ صوبي جي قيام وارو اٿاريل پراڻو رينگٽ؛ مٿان محسن نقويءَ وارن بيانن ۾ ڪافي حد تائين هم آهنگي ڏسڻ ۾ اچي پئي. جنهن لاءِ ڏسڻو ۽ انتظار ڪرڻو پوندو ته پ پ پ 26هين ۽ 27هين ترميم جيان خاموشيءَ سان 28هين ترميم تي به راضپو ڏيکاري ٿي يا وري ايوان صدر ۽ ٻين مليل سرڪاري عهدن تان قرباني ڏئي ٿي. پر اها ڳالهه مشڪل نظر اچي ٿي؛ پ پ پ ۾ هن وقت اها سگهه ئي ناهي رهي جو اها پاڻ کي ڪنهن امتحان ۾ وجهي. سنڌ جا وسيلا. تيل، گئس، ڪوئلو، بجلي، پاڻي، زمينون ۽ نوڪريون. هر شئي وفاق ۽ پنجاب حوالي ٿي چڪا آهن. عدالتي نظام ۽ ڀٽو صاحب وارو 73ع وارو آئين به اصل حالت ۾ ناهي رهيو. سنڌ سردارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي حوالي ٿي چڪي آهي، جن جون پنهنجيون رياستون، پنهنجا قانون، پنهنجي پوليس ۽ پنهنجا فيصلا آهن. ماڻهو بک ۽ بيروزگاريءَ جو شڪار آهن. سنڌ جون پ پ پ مخالف سياسي پارٽيون، جي ڊي اي ۽ قومپرست به پ پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن ۽ عوام سان ٿيندڙ زيادتين تي سراپا احتجاج آهن. خود پ پ پ اندر به لائو پچي رهيو آهي، ممڪن آهي ته اهي ن ليگ جو پاسو وٺن.

وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ جو ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڏنل بيان ظاهر ڪري ٿو ته پ پ پ کي سنڌ ۾ ڪمزور ڪرڻ خاطر ملڪ انتظامي يونٽن طرف وڃي، ۽ اهي قائم ٿيل يونٽ اهڙين رياستن جو ڏيک ڏيندا جيڪي وفاق جي زيرِ انتظام رهندا، ۽ صوبن جو ڪو به تصور باقي نه رهندو. ضرور ڪو حتمي پلان ٺهيو آهي جنهن تي عمل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ۽ پ پ پ کان اهڙي پلان جي حق ۾ حمايت گهري وئي آهي توڙي مٿس دٻاءُ وڌو پيو وڃي. پ پ پ قيادت کي هن ڏس ۾ پنهنجو موقف واضح ڪرڻ گهرجي ته اها انتظامي رياستن سان گڏ رهڻ ٿي چاهي يا وري صوبن جي وجود کي وڌيڪ عزيز ٿي سمجهي. بهرحال، پ پ پ ن ليگ کي طاقت ڏئي ڪجهه اهڙا فيصلا ڪيا آهن جنهن سان ملڪ جو آئيني ۽ عدالتي نظام ضرور تباهه ٿيو آهي.

رهيو سوال انتظامي يونٽن جي قيام واري سوچ جو، ته اها هڪ منفي سوچ آهي جيڪا ملڪ جي بقا ۽ سالميت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ ملڪ وڌيڪ ڪمزور ٿيندو. ملڪ جو عوام ۽ صوبا متحده پاڪستان جي وحدت، ايڪي ۽ ان جي سلامتيءَ جا حامي آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ ملڪي سسٽم جي ناڪامين جا ذميوار ناهن ۽ نه وري سسٽم کي ناڪام رهندي ڏسڻ چاهين ٿا. جنهن لاءِ ناڪامين جا اسباب ڳولڻ گهرجن ته سسٽم ڇو ۽ ڪهڙي سبب ناڪام رهيو، ۽ ان جا ذميوار ڪير آهن؟ نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي حمايت ڪير ٿو ڪري، ڇا لاءِ پيا ڪن، ۽ انهن جي نيت پويان ڇا آهي؟ ايئن ٿيندو ته سسٽم ۽ صوبن کي وڌيڪ ڇيڙڻ بدران سسٽم جي بهتريءَ طرف وڃجي. سسٽم جي ناڪامي ۽ خرابيءَ جي پهرين پاڙ ڪرپشن آهي، جيڪا ملڪي انتظامي ۽ سياسي ادارن ۾ وڌي وڻ ٿي چڪي آهي. عدالتن ۾ انصاف وڪامجي ٿو، سرڪاري ادارن ۾ ڪو به ڪم بنا پئسن جي نٿو ٿئي. بدامني ايتري ته وڌيل آهي جو ڪو به ماڻهو پنهنجي گهر اندر به محفوظ ناهي. حڪومتي عهديدار ملڪ جو پئسو کڻي ٻاهر وڃن ٿا، جنهنڪري ملڪ پرڏيهي قرضن ۾ جڪڙيل آهي. ادارن اندر احتساب جو ڪو به عمل دخل ناهي رهيو، جن کي بهتر بنائڻ لاءِ قانون سازي ٿيڻ گهرجي ۽ عدالتي نظام بحال ٿيڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن ۽ چونڊ نظام کي فعال ۽ اڻ ڌريو بنائڻ گهرجي؛ پنجين-ستين فارم وارين حڪومتن جو تصور نه هجڻ گهرجي ۽ ملڪ ميرٽ تي هلائڻ گهرجي.

ملڪ کي افواهن واري ماحول مان ڪڍڻ گهرجي، جيڪي هن وقت به گردش ڪري رهيا آهن ته آگسٽ امڪاني تبديلين جو مهينو آهي. ڀلي جيڪو به ماحول جڙي، پر اهو ملڪي مفادن وٽان جڙي. رهيو سوال ملڪ کي مالي ۽ انتظامي طور مستحڪم ڪرڻ ۽ هلائڻ جو، ته نون صوبن يا انتظامي يونٽن جو وهم وساري سياست، جمهوريت، عدالتن ۽ ادارن کي آزاد رهڻ ڏيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. جنهن لاءِ هر پارٽي، هر حڪومت ۽ هر ادارو پنهنجي ڪڙي احتساب کي نظر ۾ رکي ڪم ڪرڻ جي عادت پاڻ ۾ وجهي، ته ان شاءَ الله نون صوبن يا انتظامي يونٽن قائم ڪرڻ جهڙا ارادا ۽ بيان جنم نه وٺندا.

رهيو سوال انتظامي يونٽن جي قيام واري سوچ جو، ته اها هڪ منفي سوچ آهي جيڪا ملڪ جي بقا ۽ سالميت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ ملڪ وڌيڪ ڪمزور ٿيندو. ملڪ جو عوام ۽ صوبا متحده پاڪستان جي وحدت، ايڪي ۽ ان جي سلامتيءَ جا حامي آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ ملڪي سسٽم جي ناڪامين جا ذميوار ناهن ۽ نه وري سسٽم کي ناڪام رهندي ڏسڻ چاهين ٿا. جنهن لاءِ ناڪامين جا اسباب ڳولڻ گهرجن ته سسٽم ڇو ۽ ڪهڙي سبب ناڪام رهيو، ۽ ان جا ذميوار ڪير آهن؟

You might also like