ڪوٽڙي: قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻن امداد پنهور، اعجاز سومرو،ايس يو پي اڳواڻ خالد لاشاري، سلام لاشاري،ايس ٽي پي اڳواڻ يونس اوٺو، امجد مستوئي سميت سياسي سماجي اڳواڻ اسپتال پهتا جن واقعي تي احتجاج ڪندي قاتل گرفتار ڪري جوابدارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو،هنن چيو ته قومي عوامي تحريڪ ۾ شبيرساند انتهائي گهڻو سرگرم اڳواڻ هو، شبير ساند جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ڪامريڊ شبير ساند جي قتل واقعي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، اياز لطيف پليجي چيو ته ڪامريڊ شبير ساند کي ڳلو ڪپي انتھائي وحشي انداز ۾ قتل ڪيو ويو آھي. قاتل ڪنھن به ريت رحم جي لائق ناھن، وارثن جي مرضي سان ڪيس داخل ڪيو وڃي، جيستائين قاتل گرفتار نه ٿيندا ان وقت تائين قانوني ۽ سياسي جدوجھد جاري رھندي، سنڌ کي المناڪ سانحن جو ديس بڻايو ويو آھي، ڪامريڊ شبير ساند پارٽي جو نظرياتي ۽ ڪميٽيڊ ساٿي ھو، ڪامريڊ شبير ساند ڪرپشن، درياھ تي ڌاڙي،ل سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف مسلسل جدوجھد ڪئي، پارٽي جي ھر سڏ تي جدوجھد ۾ شامل رھيو، پارٽي سندس قومي خدمتن کي قدر جي نگاھن سان ڏسي ٿي ۽ کيس سلام پيش ڪري ٿي.