حيدرآباد (رپورٽ:حسيب لطيفي) سنڌ جي ترقي پسند ۽ قومپرست اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ، سنڌين جو تاريخي وطن آهي، ۽ نون انتظامي يونٽن جي آڙ ۾ سنڌ کي ورهائڻ واري سوچ باھ سان کيڏڻ برابر آهي. هنن چيو ته ڌرتي ڌڻي پنهنجي تاريخي ۽ فطري وطن سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ تقسيم ٿيڻ نه ڏيندا. وفاقي گهرو وزير ۽ ٻين وزيرن طرفان نون انتظامي يونٽن ٺاهڻ بابت ڏنل بيان جي ردعمل ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نون انتظامي يونٽن ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندي سنڌ کي ٻن انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته سنڌ، سنڌين جو تاريخي وطن آهي ۽ سنڌ جي وحدت خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌي پنهنجي وجود ۽ وطن جي بچاءَ لاءِ ڀرپور مزاحمت ڪندا. عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسسٽ) جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ بخشل ٿلهو چيو ته پاڪستان جا حڪمران بيٺڪي سوچ ۽ روايتن جا وارث آهن، کين قومي وحدتن کي ٽوڙڻ وارو منصوبو ڪڏهن به نه ڦٻندو. هن چيو ته پنجاب جو ورهاڱو ته سمجهه ۾ اچي ٿو ۽ سرائيڪي صوبو ٺاهڻ سرائيڪن جو حق آهي، پر سنڌ کي اسين ٽوڙڻ نه ڏينداسين، ڇاڪاڻ ته سنڌ هڪ تاريخي وحدت آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ اڳ ئي مزاحمت ھلندڙ آهي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه به اهڙن انتظامي يونٽن جي سخت مخالفت ڪندو. پنجاب جي اها قيادت، جيڪا پاڻ ٻاهر جي آهي، ويهي اهو سوچي ٿي ته هو آءِ ايم ايف جي مفادن جا نگهبان بڻجي نوان يونٽ ٺاهيندا، پر اها ڳالهه ممڪن ئي ناهي. نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جي صدر تاج مري چيو ته ملڪ اندر اهڙيون ڳالهيون پهريون ڀيرو ناهن ٿي رهيون، بلڪه پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اهڙيون سازشون ٿينديون رهيون آهن. هن چيو ته مضبوط مرڪز جي نالي تي ون يونٽ جي قيام کان وٺي مسلسل اهڙيون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. سنڌ، بلوچستان سميت ڪو به صوبو اهڙا منصوبا قبول نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته اهي سازشون هن ملڪ اندر رهندڙ تاريخي قومي وحدتن خلاف آهن. هن چيو ته اهڙين سازشن خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي ۽ نيشنل پارٽي انهن سازشن کي مڪمل طور رد ڪري ٿي. سنڌين نيشنل ڪانگريس جي چيف آرگنائيزر ايڊووڪيٽ محب آزاد چيو ته سنڌ کي ڪنهن به نئين صوبي جي ضرورت ناهي. اسين صوبن واري ڳالهه کي سنڌ سميت سمورن مظلوم قومن جي وحدت خلاف سازش سمجهون ٿا. سنڌ خلاف ڪا به سازش قبول نه ڪنداسين ۽ محسن نقوي پنهنجو بيان واپس وٺي.پورهيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نثار لغاري چيو ته محسن نقوي عوام جو چونڊيل نمائندو ناهي. سندس بيان هن ملڪ اندر رهندڙ تاريخي قومن جي وطنن خلاف آهي، جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته کيس فوري طور وزارتِ داخلا جي عهدي تان هٽايو وڃي..جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم بشير خان جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير جمالي چيو آهي ته گهرو وزير محسن نقوي جي خطاب ۽ ڊي جي آئي ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس پنجابي شاونزم جو بدترين اظهار آهن. سنڌ کي ٽوڙڻ واري ڳالھ هن سموري خطي کي تباهي جي ور چاڙهي ڇڏيندي. سنڌي قوم پنهنجي قومي وجود ۽ سنڌ جي تاريخي وطني تشخص تان ڪڏهن بہ دستبردار نہ ٿيندي. گڏيل بيان ۾ رهبر ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته پنجابي بالادستي کي برقرار رکڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ تاريخي وحدتن جي جاگرافي سان هٿ چراند ڪرڻ گهري ٿي. ايم ڪيو ايم صرف پنجاب جي راڳ تي تاڙيون ٿي وڄائي. سنڌين کي پنهنجي وطن جي بقا لاءِ پنجابي بالادستي مان جان ڇڏائڻي پوندي. هاڻي پنجابي حڪمران پڌرا ٿي رهيا آهن. نظام جي تباهي جا ذميدار پنجابي حڪمران آهن. ڪراچي ۽ گوادر کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جي ڳالھ پنجاب جي ڦرلٽ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. پنجاب سنڌين جي معدنيات تي قبضو ڪرڻ گهري ٿو، ليٿيم جي دريافت بعد پنجابي حڪمران ڇتا ٿي پيا آهن. تيل، گئس، ڪوئلي، سامونڊي پيداوار ۽ پاڻيءَ تي نئين سر ڌاڙا هڻڻ لاءِ هي نوان پرفريب سانگ رچايا پيا وڃن. جن جي خلاف سنڌ جي ماڻهن کي اٿي کڙو ٿيڻو پوندو. هنن وڌيڪ چيو ته پ پ وفاق ۾ مختلف عهدا سنڀالي رهي آهي، جنهن حساب سان اها وفاقي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي. پ پ اڳواڻن ۾ جيڪڏهن ٿورڙي به قومي غيرت آهي ۽ اها سنڌ جي ورهاڱي جي مخالف آهي تہ ان کي فوري طور صدارت سميت وفاق ۾ مليل عهدن تان مستعفي ٿي وڃڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ سنڌي قوم اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب هوندي تہ پ پ سنڌ جي ورهاست واري سازش ۾ شريڪ آهي. حڪمران ياد رکن ته رياستون ختم به ٿي وينديون آهن، پر تاريخي ملڪ ۽ قومون زنده رهنديون آهن. سوويت يونين ختم ٿي ويو، يوگوسلاويا به ختم ٿي ويو، پر انهن جون قومون اڄ به موجود آهن. پاڪستان هڪ رياست آهي، پر سنڌ جو وجود پاڪستان جي ڪري ناهي. پاڪستان جي عمر رڳو 80 سال آهي، جڏهن ته سنڌ هزارين سالن کان هڪ وطن ۽ ملڪ طور موجود رهي آهي. اسان جي پهرين سڃاڻپ سنڌ وطن ۽ سنڌي قومي تشخص آهي. پنجابي بالادستي هيٺ ڪا به قوم پنهنجي تاريخي قومي سڃاڻپ تان دستبردار نٿي ٿي سگهي. سنڌ خلاف ٿيندڙ انهن سازشن خلاف مزاحمت ڪنداسين. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي نون انتظامي يونٽن ۽ نون صوبن بابت بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي موجوده سياسي، معاشي ۽ انتظامي بحرانن جو حل تاريخي قومي وطنن کي ورهائڻ ۾ نه، پر وفاق کي آئين جي روح مطابق هلائڻ ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان مختلف قومن جي تاريخي مادر وطنن تي مشتمل هڪ فيڊريشن آهي، جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان، پنجاب، پختونخوا ۽ ٻين قومي وحدتن جي پنهنجي تاريخ، ٻولي، ثقافت، جاگرافي ۽ قومي سڃاڻپ آهي، تنهن ڪري وفاق جي مضبوطي انهن قومي وحدتن جي برابري، آئيني حقن ۽ حقيقي خودمختياري جي تحفظ ۾ آهي، نه ڪي انهن کي ڪمزور ڪرڻ يا ورهائڻ ۾. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ هڪ تاريخي قومي وطن آهي، جنهن جي وحدت تي ڪنهن به قسم جي هٿ چراند سنڌ جي قومي وجود تي حملو سمجهي ويندي. هن چيو ته انتظامي ناڪامين، بدعنواني ۽ خراب حڪمراني جو ذميوار ملڪ مٿان ٿاڦيل ڪرپٽ حڪمران آهن. ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جو رستو نوان صوبا ٺاهڻ ۾ نه، پر صوبن کي سندن آئيني حق، حقيقي خودمختياري، وسيلن تي مڪمل اختيار، ڪرپشن جي خاتمي، شفاف حڪمراني ۽ خاص طور ننڍن صوبن مان احساسِ محرومي ختم ڪرڻ ۾ آهي. جڏهن وفاق سڀني قومي وحدتن سان برابري وارو سلوڪ ڪندو، آئين تي مڪمل عمل ٿيندو، صوبن جي حقن ۽ اختيارن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو، اين ايف سي ايوارڊ تي پابندي سان عملدرآمد ٿيندو، . ڊاڪٽر قادر مگسي خبردار ڪيو ته سنڌ کي ورهائڻ يا نون صوبن جي نالي تي سنڌ جي وحدت، وسيلن، درياهه، ٻيٽن، سامونڊي وسيلن ۽ قومي سڃاڻپ تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي.