نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪندڙ سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي تہ سنڌ جو عوام سنڌ ڌرتيء جي انچ انچ ۽ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي جي حفاظت ڪندو، نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي نالي پٺيان سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، جمھوريت ڪھڙي به ھجي پر آمريت کان ھڪ ڪروڙ دفعا بھتر آھي، محسن نقوي جھڙا ماڻھو جمھوريت کي ڪمزور ڪن پيا. اھڙو اظھار ھن ڪالھ سنڌياڻي تحريڪ پاران جلال پور ڪئنال خلاف سٽي گيٽ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين نڪتل احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ھن چيو ته سنڌ 1940ع جي قرارداد تحت پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿيل آھي، تاريخي قومن جا وفاق ۾ شامل ٿيڻ جا ٿيل معاھدا رڪارڊ تي موجود آھن، سنڌ جي حقن، وسيلن تي قبضو ڪرڻ، پاڻي تي ڌاڙا ھڻڻ ۽ سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالھ ڪندڙ پاڪستان جا خير خواھ نه آھن، اھي 1940ع جي قرارداد جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان پري رھن. ھن چيو ته آمر ايوب ون يونٽ لڳائڻ بعد عوام جي مزاحمت تي ون يونٽ ٽوڙي صوبن کي بحال ڪيو، جنرل ضياء الحق ۽ ڊڪٽيٽر مشرف ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ لاء ضد ڪيو پر جڏھن سنڌ سميت ٽن صوبن جي عوام پنھنجو  رد عمل ڏنو ته ھو ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ تان ھٿ کڻي ويا، ان ڪري ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ حقلن کي چوان ٿو ته پاڪستان کي تجربا ڪرڻ لاء مھم جوئي نه ڪيو.  ھن  وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي تازي بيان، سنڌ کي  ورهائڻ جي سازش، جلال پور ڪينال منصوبي ۽ تجويز ڪيل 28 هين آئي ترميم تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي تاريخي، آئيني ۽ جمهوري حقن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندا. محسن نقوي جا بيان وفاقي اڪائين جي وچ ۾ اعتماد کي نقصان پهچائين ٿا. وفاقي حڪومت جو فرض آهي ته اها سڀني صوبن کي برابر جو آئيني ۽ سياسي احترام ڏئي، نه ڪي اهڙا بيان ڏئي، جن سان محرومي ۽ بيچيني ۾ واڌ ٿئي. ھن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جو هر منصوبو ناقابلِ قبول آهي. سنڌ هڪ تاريخي، تهذيبي ۽ جاگرافيائي وحدت آهي. لساني، انتظامي يا سياسي بنيادن تي سنڌ کي ورهائڻ جي هر ڪوشش قومي يڪجهتي جي خلاف آهي.  سنڌ جا ماڻهو اهڙي هر سازش جو ڀرپور، پرامن ۽ جمهوري مزاحمت ذريعي مقابلو ڪندا. ھن چيو ته جلال پور ڪينال سميت سنڌو درياءِ تي اهڙا سڀئي منصوبا، جيڪي سنڌ جي حصي جي پاڻي کي متاثر ڪن ٿا، 1991ع جي آبي معاهدي ۽ بين الصوبائي انصاف جي اصولن جي ابتڙ آهن. سنڌ اڳ ئي سخت پاڻي جي کوٽ، زرعي تباهي ۽ انڊس ڊيلٽا جي بربادي کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙا منصوبا سنڌ جي معيشت، زراعت ۽ لکين ماڻهن جي مستقبل لاءِ خطرو آهن. 18 ھين آئيني ترميم ذريعي حاصل ڪيل صوبائي اختيارن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو. ھن چيو ته وفاق فوري طور تي سنڌ خلاف سڀئي تڪراري منصوبا ۽ قدم واپس وٺي، آئين، جمهوريت ۽ وفاقي اصولن جي پاسداري ڪري. ھن چيو ته سڀني قومي معاملن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ پارليامينٽ ذريعي آئيني طريقي سان حل ڪيو وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر شازيا احمداڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي. سنڌ جي وحدت تي ڪو به وار برداشت نه ڪنداسين. ريلي ۾ ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، الطاف خاصخيلي، نصرت خاصخيلي، زينت سمون ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا.

You might also like