ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الهيار اڪنامڪ سمٽ ۽ قومي سوال

حريف چانڊيو

گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ملڪ جي واپاري برادري جو هڪ وڏو "اڪنامڪ سمٽ” منعقد ٿيو. هن سمٽ جو مقصد ۽ ايجنڊا بلڪل واضح هئي ته ملڪ جي ڊهي پيل معيشت کي ڪيئن سنڀاليو وڃي، مهانگائي جي چڪي ۾ ڦاٿل عوام کي رليف ڪيئن ڏنو وڃي ۽ ٻاهرين دنيا مان سيڙپڪاري کي ڪيئن آندو  وڃي. پر افسوس جو اهڙي اهم معاشي فورم تي به سياست جي سازشي ڳالهين کي ترجيح ڏني وئي. هن سمٽ جي مهمان خاص، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خطاب ڪندي جڏهن چيو ته "ملڪ جو سسٽم تباهه ٿي ويو آهي، ان ڪري نوان يونٽ ٺاهيو يا صوبا ٽوڙيو”  ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الهيار – هڪ طرف معيشت جي ڳالهه هئي ۽ ٻئي طرف اوچتو صوبن ۽انتظامي يونٽن جو ذڪر.

حقيقت اها آهي ته ڪافي عرصي کان ملڪ جي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ "28هين آئيني ترميم” ۽ نوان صوبا ٺاهڻ جو ذڪر هلي رهيو هو. نيٺ اسلام آباد جي سرڪاري اسٽيج تان ان تي کلي ڳالهه ٿي وئي. اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن معيشت، امن امان ۽ مهانگائي جهڙا سنگين مسئلا منهن اڳيان بيٺا آهن ته پوءِ صوبن جي جاگرافي تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڇو؟ سنڌ هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن رکندڙ سنڌين جو وطن رهيو آهي. سنڌ شاعرن، صوفين، محققن ۽ شهيدن جي ڌرتي آهي. سنڌ جي پنهنجي ٻولي، جاگرافي ۽ سماجي جوڙجڪ آهي. تاريخي طور تي سنڌ هڪ آزاد خطو هو ۽ پنهنجي مرضي سان 1940 جي قرارداد جي روشني ۾ پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿيو. ان ڪري سنڌ جي عوام جي جذبن سان کيڏڻ ڪنهن به طرح سان مناسب نه آهي. سنڌ جي عوام جو اهو موقف آهي ته سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڪا به ڳالهه هرگز قبول ناهي!!

گذريل 80 سالن جي تاريخ اسان جي سامهون آهي. هن عرصي ۾ ملڪ کي حقي وفاقي فيڊريشن ٺاهڻ بدران هر حڪومت پنهنجا تجربا ڪيا جيڪي ناڪام ٿيا. تقريبن 40 سال سڌي مارشل لا رهي ۽ باقي عرصو به ڪنٽرولڊ جمهوري نظام رهيو. ان سڄي عرصي ۾ مرڪز ۽ صوبن جي وچ ۾ اعتماد جي کوٽ رهي. قومن ۽ انهن جي ٻولين جي حقن کي تسليم نه ڪيو ويو. انهي سوچ جو نتيجو 1970-71 ۾ اسان سڀني ڏٺو.

اڄ سوال اهو آهي ته جن کان اڄ تائين موجوده 4 صوبا صحيح نموني سنڀالجي نه سگهيا، اهي وڌيڪ انتظامي يونٽ ٺاهي ملڪ کي ڪيئن بهتر هلائيندا؟ ڪيترن ئي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي صوبن جي ورهاڱي جي ڳالهه مسئلن جو حل نه پر نوان مسئلا پيدا ڪرڻ جي سازش آهي. ان سان وفاق مضبوط ٿيڻ بدران وڌيڪ ڪمزور ٿيندو ۽ ملڪ ترقي ڪرڻ بدران انتشار جو شڪار ٿيندو. ملڪ جي سڀني باشعور طبقن، واپارين، استادن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي گڏيل ڳالهه اها آهي ته اڄ ملڪ کي نوان صوبا نه پر بنيادي سڌارن جي ضرورت آهي. انهن بنيادي نقطن تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي:

  1. وفاق ۽ صوبا: صوبن کي آئين ۾ ڏنل مڪمل صوبائي خودمختياري ڏني وڃي ته جيئن اهي پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري سگهن.
  2. وسيلن جي ورڇ: صوبن جي قدرتي ۽ معدني وسيلن تي پهريون حق صوبن جو تسليم ڪيو وڃي.
  3. سياسي استحڪام: ملڪ ۾ غير جانبدار، شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي ته جيئن عوام جي حقي نمائندگي اڳتي اچي.
  4. وفاق جي علامت: سينيٽ کي آئيني طور وڌيڪ طاقتور ڪيو وڃي ته جيئن اهو صوبن جي مفادن جي حفاظت ڪري سگهي.
  5. امن ۽ معيشت: ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻي امن امان قائم ڪيو وڃي. مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ ٻاهرين سيڙپڪارن لاءِ آسان ماحول پيدا ڪيو وڃي.
  6. انساني ترقي: تعليم کي عام ڪيو وڃي. نوجوان نسل کي جسماني ۽ ذهني طور مفلوج ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ منشيات جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ صنعتي زون قائم ڪيا وڃن ۽ هر شعبي ۾ ميرٽ کي يقيني بڻايو وڃي.

جيڪڏهن مٿي ڏنل قدمن تي عمل ڪيو وڃي ته يقينن هي ملڪ ترقي جي راهه تي هلي سگهي ٿو. باقي نوان شوشا ڇڏڻ ۽ عوام جي توجهه اصل مسئلن کان هٽائڻ سان ملڪ جا مسئلا حل نه ٿيندا. 80 سالن جي ڪارڪردگي اسان جي سامهون آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته وفاق کي چند کاتا ڏنا وڃن ۽ موجوده صوبن کي مضبوط ڪيو وڃي!

You might also like