ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ذخيرو ڪندڙن ۽ منافعو خورن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جڏهن ته خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته مارچ 2027 تائين 2.11 ملين ميٽرڪ ٽن امڪاني کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جي واڌو پهچ کي محفوظ بڻايو وڃي جيئن هڪ اعليٰ سطحي جائزي اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته انتظامي ڪاررواين دوران اڳي ئي 172,000 ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ لڪايل ڪڻڪ هٿ ڪئي وئي آهي جنهن سان مارڪيٽ ۾ دستيابي کي بهتر بڻائڻ ۽ سڄي صوبي ۾ اٽي جي قيمتن کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي آهي. هن اهي حڪم صوبي ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن جي صورتحال، مارڪيٽ ۾ دستيابي، واپرائڻ جي رجحانن ۽ مستقبل جي سپلاءِ جي ضرورتن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيا جنهن ۾ خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي وئي ته سڄي سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي اڻٽٽ دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪنهن به مصنوعي کوٽ يا قيمتن ۾ هٿراڌو ڦيرڦار کي روڪڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته سيزن 26-2025 دوران 4.7 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي پيداوار ۽ 140,000 ميٽرڪ ٽن جي ڪيري فارورڊ ذخيري جي باوجود، سنڌ کي مارچ 2027 تائين اٽڪل 2.11 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي کوٽ جو سامھون ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جو وڏو سبب واپرائڻ جي ضرورتن ۽ صوبي کان ٻاهر ڪڻڪ جي منتقلي آهي. وڏي وزير زور ڏنو ته ڪڻڪ هڪ اسٽريٽجڪ شئي آهي جيڪا سڌي ريت غذائي تحفظ ۽ عوامي ڀلائي سان جڙيل آهي، ان ڪري ڪافي ذخيرو برقرار رکڻ ۽ مارڪيٽ جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل هن اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، مڪيش چاولا، ڄام خان شورو، مخدوم محبوب زمان، محمد بخش خان مھر، صلاحڪار گيانچند ايسراڻي، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، چيئرمين سي ايم آءِ ٽي بلاول ميمڻ، وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل، سيڪريٽري زراعت زمان ناريجو، ۽ سيڪريٽري خوراڪ غلام عباس نائيچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي پيداوار، واپرائڻ، اسٽاڪ جي دستيابي ۽ مستقبل جي ضرورتن جو هڪ جامع جائزو پيش ڪيو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي موجوده قيمتن جو جائزو ورتو. سنڌ ۾ في 40 ڪلو ڪڻڪ جي قيمت ڪراچي ۾ 11,000 رپيا، حيدرآباد ۾ 10,800 رپيا، سکر ۾ 10,750 رپيا ۽ لاڙڪاڻي ۾ 10,250 رپيا ٻڌائي وئي. اٽي جي في ڪلو پرچون قيمت ڪراچي ۾ 130 رپيا، حيدرآباد ۾ 125 رپيا، سکر ۾ 118 رپيا ۽ لاڙڪاڻي ۾ 118 رپيا هئي. وڏي وزير مراد علي شاهه خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته متوقع کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ سڄو سال مناسب ذخيرا برقرار رکڻ لاءِ ڪڻڪ جي انتظام جو هڪ جامع پلان فوري طور تيار ڪيو وڃي. هن چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سڄي صوبي ۾ ذخيرو اندوزي ۽ منافعو خوري خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن.
سنڌ مان ڪڻڪ جي پنجاب اسمگلنگ روڪي نٿا سگهون:شرجيل ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو، فصل لھڻ سان گڏ ئي منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خريد ڪري ذخيرو ڪري ڇڏي، جنهن جي ڪري سرڪاري سطح تي گھربل مقدار ۾ ڪڻڪ ذخيرو ٿي نه سگھي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت اُن صورتحال تي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ھو، جنهن دوران ھڪ لک 72 ھزار ٽن ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن وٽان ھٿ ڪئي وئي ۽ جن ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن وٽان اھا ڪڻڪ ھٿ آئي اُنهن کي سرڪاري اگھھ ادا ڪيا ويا. ھن ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن کي چتاءُ ڏنو ته اُھي وٽن موجود ڪڻڪ حڪومت جي حوالي ڪن ته جيئن عوام کي رليف ملي سگھي، ذخيرو ڪيل ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ تائين قيمتن ۾ 13 سيڪڙو لاٿ آئي آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قتل جو سنڌ حڪومت فوري نوٽس ورتو ۽ پوليس اثرائتي ڪارروائي ڪندي ٽن جوابدارن انيل، رام چند ۽ سريش کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته واردات ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي به ھٿ ڪئي وئي آھي. هن شھيدن ۽ غازين خلاف ڏنل بيانن جي شديد مذمت ڪندي چيو ته اسان جا جوان وطن جي دفاع جي جذبي سان سرشار ٿي ڊيوٽي تي ويندا آھن ۽ شھادت کي پنهنجي لاءِ ھڪ اعزاز سمجھندا آھن. ھن مولانا فضل الرحمان مودباڻي گذارش ڪئي ته ھو پنهنجو بيان واپس وٺي، ڇاڪاڻ ته اھڙي بيان کي ڀارتي ميڊيا ۾ نمايان ڪوريج ملي، جنهن سان دشمن کي فائدو پھتو. مولانا فضل الرحمان تجربيڪار سياستدان آھي، جيڪڏھن ھو پنهنجو بيان واپس وٺندو ته سندس قد ڪاٺ ۾ اضافو ٿيندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ پنهنجون پنهنجون پاليسيون جوڙيون آھن، مون کي نه ٿو لڳي ته پنجاب مان ڪڻڪ افغانستان وئي ھُجي، پر سنڌ مان ڪڻڪ پنجاب وڃڻ جون شاھديون موجود آھن. ھن واضح ڪيو ته آئين موجب ڪنهن به صوبي کي ٻئي صوبي ۾ ويندڙ ڪڻڪ روڪڻ جو اختيار حاصل ناھي،ھن چيو ته پريا ڪماري جو معاملو انتهائي سنجيدھ آھي ۽ اُن تي حڪومت جو موقف اڳواٽ ئي سامھون اچي چُڪو آھي. ھن چيو ته مصطفيٰ ڪمال کي ڌرڻو نه ڏيڻ گھرجي، پر پھرين وفاقي وزارت تان استيعفا ڏئي سيٽ ڇڏڻ گھرجي ۽ ضمني چونڊون وڙھي خبر پئجي ويندي. پاڻي جي کوٽ بابت سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪيترائي ڀيرا وزير اعظم ۽ وفاقي حڪومت کي خط لکي مطالبو ڪيو آھي ته سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ارسا پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪندي معاھدي موجب صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي.ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ھي شھر ملڪي معيشت جي بنياد آھي، پنجاب ۾ بين الاضلعي موٽر ويز تعمير ڪيون پيون وڃن، پر وفاق سنڌ ۾ ڪو وڏو موٽر وي منصوبو نه پيو شروع ڪري، جيڪا ڳالهه صوبي، ملڪي معيشت سان زيادتي آھي. سيد ناصر حسين شاھ جي صحت بابت سوال جي جواب ۾ ھن ٻڌايو ته صوبائي وزير سيد ناصر شاھ دُبئي ۾ موجود ھو، جتي سندس دماغ ۾ بلڊ ڪلاٽ جي ڪري سندس طبعيت خراب ٿي وئي، کيس اُتي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ھن چيو ته اُن جو مطلب اھو ناھي ته سنڌ ۾ علاج جون سھولتون موجود ناھن پر اڄ به صوبي ۾ جديد ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتالون موجود آھن. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ارسا پنهنجي ذميواري ادا ڪندي سمورن صوبن کي ٺاھ موجب سندن حصي جو جائز پاڻي فراھم ڪري.
ڪراچي ۾ ماني مهانگي ڪرڻ جو اشارو، لاهور ۾ تندور بند ڪرڻ جي ڌمڪي
ڪراچي/لاهور(رپورٽر+ بيورو ) ڪراچي ۾ تندور مالڪن ماني جي قيمت وڌائڻ جو اشارو ڏنو آهي جيڪڏهن اٽو سرڪاري قيمت تي دستياب نه هجي. تندور مالڪن موجب، سرڪاري قيمت تي اٽي جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، جيڪڏهن اٽو سرڪاري قيمت تي دستياب نه هوندو ته اهي قيمت وڌائڻ تي مجبور ٿيندا. انهن چيو ته اٽو اڃا تائين فلور ملز طرفان 145 رپيا في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اسان اڃا تائين ماني ۽ نان جي قيمت ۾ اضافو نه ڪيو آهي. ياد رهي ته ايل پي جي جي قيمت ۾ واڌ سبب گذريل مهيني پنج رپيا واڌ ڪئي وئي هئي، جنهن کان پوءِ 25 رپين جو نان 30 رپين ۾ ۽ 20 رپين جي روٽي 25 رپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته چپاتي جي قيمت 20 رپيا وصول ڪئي پئي وڃي. لاهور ۾ نان کپائيندڙن ۽ خوراڪ کاتي جي وچ ۾ ماني جي قيمت تي تڪرار جاري آهي.ذريعن موجب، نان بائي ايسوسيئيشن ڇنڇر تي خوراڪ کاتي سان ماني جي قيمت تي تڪرار تي هڪ اجلاس سڏايو آهي، جنهن ۾ نان ۽ ماني جي نئين قيمت جو اعلان ڪيو ويندو. نان بائي ايسوسيئيشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ماني ( ڊڳڙي) جي قيمت 25 رپيا ۽ نان جي قيمت 35 رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن مجبور ڪيو ويو ته اهي تندور بند ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت اڃا تائين ماني ۽ نان جي نئين قيمت تي فيصلو نه ڪري سگهي آهي.