پنجاب ۾ ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي بابت قرارداد

لاهور(بيورو)دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻارن جي سوشل ميڊيا تائين رسائي تي پابنديون لڳائڻ کان پوءِ هاڻي پاڪستان جي صوبي پنجاب ۾ به اهڙي قسم جو هڪ بل ۽ قرارداد سامهون آئي آهي، جنهن کان پوءِ اهو سوال اڀريو آهي ته جيڪڏهن اهڙو قانون منظور ٿئي ته ڇا اهو سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪري سگهجي ٿو؟ڪجهه سال اڳ تائين اهو موضوع رڳو صحت جي ماهرن، والدين ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي وچ ۾ بحث هيٺ هوندو هو ته ڇا گهٽ عمر وارن ٻارن کي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ جي اجازت هئڻ گهرجي يا نه. هاڻي اهو بحث دنيا جي قانون ساز ادارن کان ٿيندو پاڪستان جي اسيمبلين تائين پهچي چڪو آهي.پاڪستان ۾ ٻارن جي سوشل ميڊيا تائين رسائي بابت پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ۽ چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي چيئرپرسن ساره احمد هڪ اهم قرارداد جمع ڪرائي آهي. ان قرارداد ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي سوشل ميڊيا  اڪائونٽن تي مؤثر قانوني پابندي لاڳو ڪئي وڃي ۽ عمر جي تصديق  جو لازمي نظام متعارف ڪرايو وڃي.ساره احمد چيو ته:محفوظ ڊجيٽل ماحول هر ٻار جو بنيادي حق آهي، ۽ ٻارن جي جسماني، ذهني، نفسياتي ۽ اخلاقي واڌ ويجهه جو تحفظ رياست جي آئيني ۽ اخلاقي ذميواري آهي،سندس موجب، هن قرارداد جو مقصد ٻارن کي سائبر بُلنگ، آن لائن جنسي استحصال، غير اخلاقي ۽ نامناسب مواد ۽ ٻين سنگين آن لائن خطرن کان بچائڻ آهي.تنهن هوندي به، پاڪستان ۾ هن وقت اهڙو ڪو قانون موجود ناهي جيڪو سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر مقرر ڪري

 

You might also like