ملڪ ۾ انتظامي،معاشي ۽ سياسي بحران وڌي ويو،ن ليگ جو زوال شروع؟

اسلام آباد(حامد مير)فيبروري 2024ع جي چونڊن کان پوءِ شهباز شريف ٻيهر پاڪستان جو وزيراعظم بڻيو. رياستي ادارن جو کيس مڪمل سهڪار حاصل رهيو. پر ڇا شهباز شريف رڳو ڇهن مهينن اندر پاڪستان جي تقدير بدلائڻ واري پنهنجي دعويٰ کي عملي جامو پارائي سگهيو؟هيءَ حقيقت آهي ته پاڪستان کي ڊيفالٽ جي خطري کان بچايو ويو، پر پوءِ به ملڪ مان سياسي بيچيني ۽ عدم استحڪام ڇو ختم نه ٿي سگهيو؟حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج عمران خان هو. هو ته گهڻي عرصي کان جيل ۾ آهي، ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف به اڃا تائين سندس آزادي لاءِ ڪو اهڙو اثرائتو دٻاءُ وجهي نه سگهي آهي.پي ٽي ايم تي پابندي لڳائي وئي، ٽي ايل پي  تي به پابندي لڳائي وئي. ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ ۽ سندس وڪيل ايمان مزاري پڻ جيل ۾ آهن. پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025ع جي منظوري کان پوءِ ميڊيا تي حڪومت جو ڪنٽرول وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو آهي.پر انهيءَ سڀ ڪنٽرول باوجود خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطو ڇو قائم نه ٿي سگهيو؟ آزاد ڪشمير ۾ اڄڪلهه جيڪي حالتون پيدا ٿي رهيون آهن، تن جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا انهن جو تعلق حڪومت جي گورننس سان ناهي؟2021ع ۾ عمران خان جو خيال هو ته کيس حڪومت مان ڪو به نٿو ڪڍي سگهي، ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ وٽ سندس ڪو متبادل موجود نه هو. اڄ پنج سال پوءِ عمران خان جيل ۾ آهي، ۽ جن کيس حڪومت ۾ آندو هو، سي به منظر تان غائب نظر اچن ٿا.اڄ شايد شهباز شريف به اهو ئي سمجهي رهيو آهي ته کيس اقتدار مان هٽائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس به ڪو متبادل موجود ناهي. پر وقت کي بدلجڻ ۾ گهڻي دير نٿي لڳي.جن مولانا فضل الرحمان جي ڪلهن تي چڙهي شهباز شريف مُڪا لوڏيندو هو، اڄ شهباز شريف جا ساٿي انهن ئي مولانا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. مولانا فضل الرحمان جو اهو بيان، جنهن جي مذمت ڪئي پئي وڃي، شايد هو نه ڏئي ها ته بهتر هجي ها، پر جيڪڏهن سڀاڻي مسلم ليگ (ن) تي ڏکيو وقت آيو ته شهباز شريف کي وري انهن ئي مولانا فضل الرحمان جا ڪلها ياد ايندا.مسلم ليگ (ن) کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته وفاق ۾ حڪومت هوندي به کيس گلگت بلتستان ۾ اڪثريت حاصل نه ٿي. جيڪڏهن آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ به مسلم ليگ (ن) سان اهو ئي ڪجهه ٿيو، جيڪو گلگت بلتستان ۾ ٿيو، ته پوءِ سندس سياسي زوال کي روڪڻ ڏکيو ٿي پوندو.ڇا مسلم ليگ (ن) آهستي آهستي اهڙو سياسي بار ته نه بڻجي رهي آهي، جنهن کي لاٿو وڃڻ ضروري سمجهيو وڃي؟مسلم ليگ (ن) جي زوال جو هڪ وڏو سبب پارٽي جا اندروني جهيڙا به بڻجنديون، جيڪي هاڻي آهستي آهستي سامهون اچي رهيون آهن. مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جا لاڳاپا به ڪافي خراب ٿي چڪا آهن، جيڪي ٻنهي پارٽين لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿا.۽ جيڪڏهن اڃا به ڪنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي، ته پوءِ فيصل واوڊا جي حڪومت تي ڪيل تنقيد جو جائزو ئي ڪافي آهي. خبر ناهي ڇو کيس اڄ جا حڪمران سڀاڻي ڪنهن مخالف ڌر جي اتحاد جي ڪنٽينر تي يا ڪنهن جيل ۾ گڏ نظر اچن ٿا.

 

You might also like