بلوچستان مان اغوا ٿيل سعيد ميمڻ بازياب ٿي گهر پهچي ويو

ڪراچي/حيدرآباد (رپورٽر) ناميارو ليکڪ ۽ سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ سٺي ساک رکندڙ ڪردار سعيد ميمڻ جي ڪراچي پنهنجي گهر پهچي ويو، سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا توڙي ڊجيٽل ميڊيا تي سندس ويجھن دوستن تصديق ڪئي آھي ۽ مبارڪن جا پيغام به ڏنا ويا، ايڪسائيز کاتي جو اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد ميمڻ بلوچستان مان لاپتا ٿي ويو ھو سندس ويجھن عزيزن جو چوڻ ھو ته سعيد ميمڻ کي اغوا ڪيو ويو ھو، ذريعن موجب سعيد ميمڻ آزاد ٿي ڪراچي واري گهر پهچي ويو، سعيد ميمڻ جي آزادي ڪروڙين روپيا ڀنگ ڀرڻ عيوض ممڪن ٿي آهي، ٻئي پاسي سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن 59 ڏينهن اڳ بلوچستان  مان اغوا ٿيل سماجي ۽ سياسي ڪارڪن سعيد احمد ميمڻ جي خيريت سان بازيابي ۽ پنهنجي گهر ڪراچي پهچڻ تي دلي سرهائي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو، پارٽي چيو ته سعيد احمد ميمڻ جي خاندان، عزيزن، دوستن ۽ سنڌ جي سموري عوام کي هن خوشيءَ واري موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪري ٿي. سندس محفوظ واپسي انهن سڀني ماڻهن جي دعائن، جدوجهد ۽ مسلسل آواز اٿارڻ جو هڪ اهم نتيجو آهي، جن هن ڏکئي وقت ۾ ساڻس ۽ سندس وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

 

 

You might also like