لاهور/ گوجرانوالا (ع آ نيوز) فوج بابت تڪراري تقرير تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف گوجرانوالا ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گوجرانوالا جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.درخواست ايڊووڪيٽ منظور قادر ڀنڊر طرفان داخل ڪئي وئي، جنهن تي ايڊيشنل سيشن جج فيصل جميل ايس ايڇ او سول لائن ۽ مولانا فضل الرحمان کي 28 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت پوليس کي به هدايت ڪئي آهي ته هو 28 جولاءِ تي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي. درخواست ۾ مولانا فضل الرحمان جي تڪراري تقرير تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.پنجاب جي شهر قصور ۾ هڪ عوامي جلسي دوران جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي تڪراري تقرير جو معاملو هاڻي گوجرانوالا کان پوءِ لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ پهچي ويو آهي. اربع ڏينهن لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ مولانا فضل الرحمان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊيشنل سيشن جج ملڪ لطيف ڪارروائي ڪئي ۽ ڊائريڪٽر اين سي سي آءِ اي (ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ) کان تحريري جواب طلب ڪيو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. درخواست گذار جو خيال هو ته هن مولانا فضل الرحمان جي سوشل ميڊيا تي تڪراري تقرير ڏٺي آهي جنهن ۾ هن هڪ جلسي دوران جذبا مجروح ڪيا آهن .هن عدالت کان درخواست ڪئي ته مولانا فضل الرحمان خلاف قانون تحت فوري طور تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته مولانا فضل الرحمان قصور جي جلسي ۾ ملڪ جي ادارن، خاص طور تي فوج جي حوالي سان هڪ سخت ۽ تڪراري تقرير ڪئي هئي .