اسلام آباد ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، روڊ رستا تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، فوج مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ طوفاني برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، جڏهن ته انتظاميا طرفان اڄ تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب، رسات رات 3 لڳي 20 منٽن تي شروع ٿي، جيڪا صبح 8 وڳي تائين جاري رهي، تيز وسڪاري سبب روڊن ۽ مختلف علائقن ۾ گوڏن تائين پاڻي بيهي ويو آهي.
راولپنڊي جي ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن رٽائرڊ نديم ناصر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته راولپنڊي ۾ 200 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي چڪي آهي، جيڪا گذريل 3 سالن دوران سڀ کان وڌيڪ برسات آهي.
هن چيو ته برسات جو سڀ کان وڏو اثر ناله لئي تي پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ناله لئي ۾ ڇوڙ ڪندڙ نالا بيڪ فلو ڪري رهيا آهن، جنهن سبب پاڻي ٻاهر اچي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته هڪ ڪلاڪ اندر صورتحال معمول تي اچڻ شروع ٿي ويندي. ناله لئي ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب ڀرپاسي جي نالن جو پاڻي آباديءَ ۾ داخل ٿيو آهي، پاڻي جي سطح گهٽ ٿيندي ئي هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي نڪرڻ شروع ٿي ويندو. آباديءَ کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ٽيمون هيٺاهين وارن علائقن ڏانهن روانيون ڪيون ويون آهن.
ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته هن وقت ڪٽارين ۾ پاڻي جي سطح پنهنجي بلند ترين مقام تي آهي، جنهن جو اثر گوالمنڊي تي پئجي رهيو آهي. پاڪ فوج، ريسڪيو 1122، پي آر اي ۽ سمورا لاڳاپيل متحرڪ ۽ موجود آهن.
هن چيو ته هن وقت تائين 2 ايمرجنسي ڪالز موصول ٿيون آهن، جڏهن ته جن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيو آهي، اتي صورتحال معمول موجب آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ٽرپل ون برگيڊ ضلعي انتظاميا سان رابطي ۾ آهي ۽ ناله لئي، گوالمنڊي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڪ فوج کي مقرر ڪيو ويو آهي، سمورا ادارا ضلعي انتظاميا جي مدد ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جڏهن ته ضلعي انتظاميا سان گڏجي هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جو آپريشن جاري آهي.
هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان سٽي وارن علائقن لاءِ ڪيو ويو آهي، عام شاهراهن تي به پاڻي جمع آهي، جنهن سبب ٻارن کي اسڪول اچڻ وڃڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي سگهي ٿي.

 

You might also like