نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري وڪرم مصري چيو آهي ته روس لاءِ وڙهندڙ 51 ڀارتي شهري مارجي چڪا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ ۾ وڪرم مصري کان انهن ڀارتي شهرين بابت سوال ڪيو ويو، جيڪي روسي فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.
وڪرم مصري چيو ته روسي هٿياربند فوج ۾ ڀارتي شهرين جي ڀرتي وارو معاملو ڀارت ۽ روس وچ ۾ مختلف سطحن تي ڪيترائي ڀيرا بحث هيٺ اچي چڪو آهي.
هن چيو ته ماسڪو ۾ ڀارتي سفارتخانو روسي فوج ۾ شامل ڀارتي شهرين جي وطن واپسي واري عمل جي مسلسل نگراني ڪري رهيو آهي.
ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري موجب، دستياب ڄاڻ تحت 227 ڀارتي شهرين جي روسي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جون رپورٽون مليون آهن، جن مان 139 شهرين کي فوجي خدمتن مان فارغ ڪيو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته افسوسناڪ طور تي هينئر تائين 51 ڀارتي شهرين جي مارجڻ جون رپورٽون مليون آهن.
You might also like