نيپال ۾ ٻوڏ جون تباهيون، فوتين جو انگ 1000 کان ٽپي ويو، هزارين ماڻهو گم

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۾ تبت جي سرحد ويجهو آيل تباهي مچائيندڙ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 1000 کان ٽپي ويو آهي، جڏهن ته هزارين ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن.
نيپال جي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اداري موجب، 3900 کان وڌيڪ ماڻهو گم آهن، جن ۾ 600 کان وڌيڪ اهڙا پورهيت پڻ شامل آهن، جن جي ترشولي درياهه جي ڪناري پن بجلي منصوبن لاءِ ٺاهيل مٽيءَ سان ڀريل سرنگن جي وڏي نيٽ ورڪ ۾ ڦاٿل هئڻ جو خدشو آهي.
انجنيئر سرنگن اندر هوا پهچائڻ لاءِ پمپس استعمال ڪري رهيا آهن. هڪ امدادي ٽيم ٽنل ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي، پر اتي ڪنهن به ماڻهو جي نه ملڻ بعد واپس موٽي آئي.
نيپالي وزيراعظم باليندر شاهه موجب، پن بجلي منصوبن جي سائيٽن تان 279 ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ڪڍيو ويو آهي.
امدادي ڪارروائين جي اڳواڻي چين ۽ نيپال جي فوجي اهلڪارن تي ٻڌل عالمي ٽيم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڀارت، ڏکڻ ڪوريا ۽ آسٽريليا جا ماهر پڻ امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

You might also like