فوج جا جوان ڪجهه هزار پگهار تي ويٺل ناهن: طاهر اشرفي

ڪراچي (رپورٽر) علامه طاهر اشرفي چيو آهي ته فوج جا جوان ڪجهه هزار پگهار تي نه ويٺل آهن، منهنجا بهادر جوان قوم لاءِ قربانيون ڏئي  رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان صرف پاڪ فوج نه پر ان جي شهيدن جي به توهين ڪئي آهي،ڪراچي ۾ پيغامِ امن ڪميٽي ميمبرن ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڇا ڪو پنهنجي پٽن کي صرف پئسن خاطر قربان ڪندو؟ ملڪ جا جوان پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي پاڪستان جي حفاظت ڪري رهيا آهن، طاهر اشرفي چيو ته وطن جي سلامتي ۽ استحڪام تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿو ٿي سگهي، شهيدن جي توهين برداشت نه ڪئي ويندي ۽ شهيدن جي وارثن کان معذرت خواهه آهيون، هن عالمن، مشائخ ۽ اقليتي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته فرقيواريت ۽ نفرت انگيزي خلاف گڏيل ڪردار ادا ڪن. هن سنڌ حڪومت پاران بين المذاهب ڳالهه ٻولهه کي هٿي ڏيڻ واري قدمن کي به ساراهيو، ان موقعي تي علامه راغب حسين نعيمي چيو ته مختلف مسلڪن ۽ مذهبن جي نمائندن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه سان بهتر نتيجا نڪرندا ۽ امن قائم ٿيڻ سان معاشي ترقي به ممڪن ٿيندي، مفتي عبدالرحيم چيو ته رياست ۽ حڪومت وچ ۾ هڪ خال موجود آهي، اقليتن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ مدرسن جي نصاب سميت شاگردن جي ذهني تربيت تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، طاهر اشرفي چيو ته پاڪ فوج جا جوان پگهار لاءِ نه پر وطن جي حفاظت لاءِ سرحدن تي بيٺل آهن، ان دوران شهيدن جي قربانين جي احترام، فرقيواريت خلاف گڏيل ڪردار ۽ بين المذاهب ڳالهه ٻولهه کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.

 

You might also like