ڊاڪٽر آڪاش جا قاتل گرفتار، ٽنهي جوابدارن جو تعلق اوڏ برادري سان آهي: ڊي آءِ جي ڏکڻ

ڪراچي (رپورٽر) ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ڪراچي ۾ ڦورن هٿان قتل ٿيل ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس بابت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽنهي جوابدارن جو تعلق اوڏ برادري سان آهي، جڏهن ته واردات ۾ موٽرسائيڪل ۽ هڪ ڪار استعمال ڪئي وئي هئي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا، ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر ۽ ٻين آفيسرن ٻڌايو ته فريئر واري علائقي ۾ ڦورن ڊاڪٽر آڪاش کي نشانو بڻايو، ڊي آءِ جي ڏکڻ موجب واقعي بابت 24 ڪلاڪن اندر اهم ڄاڻ گڏ ڪئي وئي، جڏهن ته 36 ڪلاڪن اندر ٽئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، هن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش جيئن ئي بينڪ پهتو ته جوابدار اڳ ئي اتي موجود هئا، هڪ جوابدار پيڇو ڪري پنهنجي ساٿين کي اطلاع ڏنو، جنهن کان پوءِ واردات ڪئي وئي، اسد رضا موجب جاچ دوران 100 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي وڊيوز حاصل ڪيون ويون، جڏهن ته واردات ۾ هڪ موٽرسائيڪل ۽ هڪ ڪار استعمال ڪئي وئي، موٽرسائيڪل تي سوار ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي ڊفينس ٿاڻي جي حدن مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وٽن ڪجهه رقم پڻ هٿ ڪئي وئي آهي، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب جوابدارن ۾ هڪ ڏهرڪي، ٻيو نوشهروفيروز ۽ ٽيون ٺل جو آهي، ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قتل ۾ ملوث ٽئي جوابدار اوڏ برادري سان واسطو رکن ٿا، جوابدارن ۾ هڪ استاد به شامل آهي، ڏوهه لاءِ ٻن موٽسائيڪلن کي استعمال ڪيو ويو، ڏوهه لاءِ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪيا آهن، ڦُر ٿيل رقم به ملي آهي، جوابدارن ۾ سريش، رامچند عرف ڦول چندر ۽ انيل شامل آهن، جوابدارن وٽان ڦر ڪيل سامان ۽ واردات ۾ استعمال ٿيندڙ ڪار ۽ 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن، واقعي ۾ ملوث وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

سنڌ حڪومت آڪاش جي خاندان سان ڏک ۾ شريڪ آهي:ضياءُ لنجار

ڪراچي (پ ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قتل واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي پوليس کي جوابدارن جي جلد کان جلد گرفتاريءَ جا حڪم  ڏنا هئا، جنهن تي سنڌ پوليس وقت سر، اثرائتي ۽ پيشيوراڻي ڪارروائي ڪندي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي رڳو 36 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪري ورتو، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڊاڪٽر آڪاش ڪمار قتل ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاريءَ تي سنڌ پوليس کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته اها ڪارروائي سنڌ پوليس جي پيشيوراڻي صلاحيت، تڪڙي ردعمل ۽ عوام جي تحفظ جي عزم جو چٽو ثبوت آهي، ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جو قتل انتهائي افسوسناڪ، ڏکوئيندڙ ۽ قابلِ مذمت واقعو هو، جنهن پوري قوم کي ڏکارو ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت مقتول جي گهراڻي جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ کين هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو، هي ڪيس پوليس لاءِ انتهائي چئلينجنگ هو، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏيل حڪمت عملي، جديد جاچ جي ذريعن ۽ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي مختصر ترين وقت ۾ جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي پنهنجي ذميواري بهترين نموني نڀائي آهي، گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ انيل، رام چند ۽ سريش شامل آهن، جن کي ڊيفنس واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي دوران گرفتار ڪيو ويو. جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واردات ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ گاڏي ۽ ٻن موٽرسائيڪلن جي پڻ نشاندهي ڪئي وئي آهي. ضياءُ الحسن لنجار واضح ڪيو ته هو پاڻ ان ڪيس جي جاچ جي مسلسل نگراني ڪندو رهيو، جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پڻ ڪيس جي هر مرحلي تي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي ته جيئن سموريون حقيقتون سامهون آڻي سگهجن ۽ ڪو به ڏوهاري قانون جي گرفت کان بچي نه سگهي، امن امان تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ سنڌ حڪومت شهرين جي تحفظ لاءِ سمورا موجود انتظامي ۽ قانوني وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، ڪيس ۾ ملوث ٻين سهولتڪارن ۽ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪارروايون جاري آهن ۽ قانون کان فرار ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ناهي.

 

You might also like