جيڪب آباد ۾ هڪ ئي ٺيڪيدار کي ڏيڍ ڪروڙ جا ٺيڪا ڏيڻ جو انڪشاف:چيف ميونسپل آفيسر هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) آڊٽ جو رڪارڊ پيش نه ڪرڻ ۽ اجلاس ۾ غيرحاضر رهڻ تي ضلعي ڪائونسل جيڪب آباد جي چيف آفيسر سميت مختلف لوڪل ڪائونسلن جي 7 آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد پاران سيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي ٽينڊر جاري ڪرڻ کان سواءِ مختلف ڪوٽيشنن ذريعي ھڪ ئي ٺيڪيدار کي ڏيڍ ڪروڙ رپين جا ٺيڪا ڏيڻ تي جيڪب آباد جي چيف ميونسپل آفيسر کي هٽائي سندس جاءِ تي ٻئي آفيسر کي مقرر ڪرڻ جو پڻ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي۔اربع ڏينهن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت هيٺ ڪميٽي روم ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي ميمبر قاسم سومرو، مڪاني  کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ بلديات کاتي جي لاڙڪاڻو ڊويزن جي لوڪل ڪائونسلن جي سال 2024ع ۽ 2025ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران لاڙڪاڻو ڊويزن جي 19 لوڪل ڪائونسلن مان 7 ڪائونسلن آڊٽ جو  رڪارڊ جمع نه ڪرايو ۽ لاڳاپيل آفيسر پڻ پي اي سي جي اجلاس ۾ غيرحاضر رهيا.جنھن تي چيئرمين پي اي سي نثار احمد کهڙو سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ضلعي ڪائونسل جيڪب آباد جي چيف آفيسر، ميونسپل ڪميٽي شهدادڪوٽ جي چيف ميونسپل آفيسر، ميونسپل ڪميٽي شڪارپور جي چيف ميونسپل آفيسر، ٽائون ڪميٽي گاجي کهاوڙ جي ٽائون آفيسر، ٽائون ڪميٽي غوثپور جي ٽائون آفيسر، ٽائون ڪميٽي گڊو جي ٽائون آفيسر ۽ ٽائون ڪميٽي ڪشمور جي ٽائون آفيسر کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ چيئرمين پي اي سي نثار احمد کهڙو چيو ته پي اي سي صوبي جو احتساب بابت سڀ کان وڏو آئيني فورم آهي ۽ آڊٽ جو رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ ۽ اجلاس ۾ غيرحاضر رهڻ غفلت جي زمري ۾ اچي ٿو، ۽ جيڪو آفيسر غفلت جو مرتڪب ٿيندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.اجلاس دوران اهو به انڪشاف ٿيو ته ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد 2022ع جي برساتي ايمرجنسي جو جواز ڄاڻائي رين ايمرجنسي ختم ٿيڻ باوجود سال 2023ع ۾ ٽينڊر جاري ڪرڻ کان سواءِ مختلف ڪوٽيشنن ذريعي ھڪ ئي ٺيڪيدار کي ڏيڍ ڪروڙ رپين جا ٺيڪا ڏنا جيڪو سيپرا رولز جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو جنھن تي تي پي اي سي ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد جي چيف ميونسپل آفيسر کي هٽائي سندس جاءِ تي ٻئي آفيسر کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.اجلاس  ۾ پي اي سي ضلعي ڪائونسل ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي اڳوڻي چيف آفيسر جيڪو هن وقت ٻولھڙي ۾ مقرر آهي کي پڻ 17 ملين رپين جي ڪوٽيشنن ذريعي سينيٽيشن ۽ ٻين ڪمن جا ٺيڪا ڏيڻ تي ٻولھاڙي مان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي۔

 

You might also like