ڪراچي، حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي بيواهه پاران 13 ڪروڙ هرجاڻي جي دعويٰ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ڪورنگي جي صنعتي علائقي ۾ واٽر ٽينڪر جي ٽڪر سبب فوت ٿيل نوجوان طلحه ظهير جي بيواهه ٽينڪر  جي مالڪ ۽ ڊرائيور خلاف 13 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي، سينيئر سول جج اوڀر جي عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست موجب خوني  حادثن بابت ايڪٽ تحت هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي وئي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي، درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق ايڊووڪيٽ موجب مارچ 2026ع ۾ چمڙا چورنگي ڀرسان تيز رفتار واٽر ٽينڪر نوجوان طلحه ظهير کي چيڀاٽي ڇڏيو هو، جنهن سبب هو فوت ٿي ويو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فوتي پنهنجي خاندان جو واحد ڪفيل هو ۽ سندس وفات کان پوءِ گهر ڀاتي سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، قانون موجب ٽينڪر جو مالڪ ۽ ڊرائيور هرجاڻو ادا ڪرڻ جا ذميوار آهن.

 

You might also like