بهاولنگر ۾ ڌنار سان مبينا بدفعلي ۽ تشدد، رڍون به ڦر

بهاولنگر (م ڊ) بهاولنگر جي مروٽ ٿاڻي جي حدن ۾ هڪ ڌنار سان مبينا بدفعلي ۽ تشدد جو واقعو پيش آيو، پوليس موجب متاثر نوجوان  کي سخت زخمي حالت ۾ بهاول وڪٽوريا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃيم پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت ڪيس داخل ڪري 6 ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 4 فرار جوابدارن جي ڳولا جاري آهي، ايف آءِ آر موجب جوابدارن متاثر تي تشدد ڪيو، مبينا بدفعلي کان پوءِ کيس زهريلي شيءِ پڻ پياري، جڏهن ته لکين رپين ماليت جون رڍون به ساڻ کڻي ويا، پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري رکندي فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪري رهي آهي.

 

You might also like