آصفه ڀٽو سان انڊونيشيا جي سفير جي ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) خاتونِ اول آصفه ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ انڊونيشيا جي سفير چندرا وارسينانتو سوڪوتجو ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري، زراعت، تعليم،  صحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آصفه ڀٽو زرداري انڊونيشيا جي سفير کي پاڪستان-انڊونيشيا سيڙپڪاري فورم ڪوٺائڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل احترام ۽ مشترڪه قدرن تي ٻڌل پراڻا دوستاڻا لاڳاپا موجود آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا هميشه هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، هن انڊونيشيا جي باني صدر سوڪارنو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ويجهن لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو، ملاقات دوران ويڪسين جي تياري، عورتن جي ڪاروباري سرگرمين، سياحت، ثقافتي مٽاسٽا ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، انڊونيشيا پاڪستاني چانورن، خاص طور سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ اعليٰ معيار جي چانورن جي اهم منڊي آهي، جڏهن ته زرعي سهڪار سان آبادگارن ۽ برآمد ڪندڙن لاءِ نوان موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like