لوئر دير ۾ مقابلو، 3 پوليس اهلڪار شهيد، 15 زخمي

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي لوئر دير ۾ دهشت گردن سان مقابلي دوران 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته بنون جي مريان ٿاڻي تي بارود سان ڀريل گاڏي ذريعي حملي ۾ 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس موجب لوئر دير جي حيدري ڪنڊو ٽاپ واري علائقي  ۾ پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ايليٽ فورس سرچ آپريشن دوران دهشت گردن سان آمهون سامهون ٿي، جنهن دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، پوليس ذريعن موجب مقابلي دوران دهشت گردن پوليس جون 3 گاڏيون به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيون، جڏهن ته زخمي اهلڪارن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال تيمرگرهه منتقل ڪيو ويو، واقعي کان پوءِ لوئر دير جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، هوڏانهن بنون ۾ مريان ٿاڻي تي دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي ٿاڻي سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن کان پوءِ دهشتگردن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي، پوليس موجب حملي ۾ هيل تائين 4 اهلڪار زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته وڌيڪ پوليس نفري واقعي واري هنڌ رواني ڪئي وئي.

 

 

You might also like