سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي وڏو رليف، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا حڪم معطل

اسلام آباد (بيورو) وفاقي آئيني عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جا عبوري حڪم معطل ڪري ڇڏيا، وفاقي آئيني عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف جاچ، ڪامياب اميدوارن جا انٽرويو روڪڻ ۽ ناڪام اميدوارن جا پيپر ٻيهر جاچڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جا عبوري حڪم معطل ڪري ڇڏيا، وفاقي آئيني عدالت ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جسٽس علي باقر نجفي ريمارڪس ڏنا ته سنڌ هاءِ ڪورٽ عبوري حڪم ۾ ئي حتمي رليف ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته آئين موجب درخواست ۾ ڪيل استدعا کان وڌي فيصلو نٿو ڏئي سگهجي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي وڪيل حافظ احسان کوکر موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجن اختيارن کان تجاوز ڪيو آهي ۽ عام نوعيت جا الزام هن ڪيس سان لاڳاپيل ناهن، ٻئي  طرف ناڪام اميدوارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن ۽ اقربا پروري موجود آهي. هن چيو ته ماضي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪميشن کي ختم ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو، جنهن کي بعد ۾ نون ضابطن تحت ٻيهر فعال ڪيو ويو، ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ وفاقي آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جا عبوري حڪم معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اونهاري جي موڪلن کان پوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like