حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پنڃاري ٿاڻي جي حد خورشيد ٽائون ڀرسان ڳوٺ آڍو خان جتوئي مان 25 سالن جي انور پٽ اڪبر جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو، ٻڌايو ويو ته نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آهي، اهڙي اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو. جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب قتل جي واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.