فهميدا لغاري ڪيس ۾ انصاف لاءِ ميرپور خاص ۾ سوين شهرين جي ريلي

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ): ميرپورخاص سنڌ ايڪشن اينٽي هراسمنٽ ڪاميٽي جي سڏ تي ڊاڪٽر فهميده لغاري سان مبينا حراساني ۽ سندس قتل خلاف سوين شهرين ريلي ڪڍي. ريلي چاندني چوڪ کان شروع ٿي ميرواهه روڊ، اسٽيشن چوڪ، بلديه شاپنگ سينٽر ۽ شهر جي مختلف رستن تان گذرندي ميرپورخاص پريس ڪلب پهتي، جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي ۾ شاگردن، استادن،  وڪيلن، مزدورن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج دوران شرڪت ڪندڙن شاگرد دشمن فيصلا نامنظور جا نعرا هڻندي ڊاڪٽر فهميده لغاري جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي جوابدارن کي قانون موجب سزا ڏيڻ ۽ وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر فهميده لغاري جي قتل واري واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ريلي ۾ جسقم اڳواڻ جانب وساڻ، علي رضا بروهي، جساف آريسر گروپ جي ضلعي صدر حنان عباسي، وارثن جي نمائندگي ڪندي انتظار لغاري ۽ مهڪ فاطمه سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عورتن، شاگردياڻين ۽ تعليمي ادارن ۾ تحفظ کي يقيني بڻايو

نائلا رند ڪيس جي فيصلي تي ڳڻتي، عدالت پاڻ جاچ ۾ خاميون ظاهر ڪيون آهن:وومينز ايڪشن فورم

حيدرآباد(رپورٽر) وومينز ايڪشن فورم حيدرآباد، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نائله رند ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو رد ڪندي جوابدار انيس خاصخيلي کي بري ڪرڻ واري تازي فيصلي تي گهري ڳڻتي ۽ مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فورم عدالت جي آئيني ۽ قانوني اختيار جو احترام ڪري ٿو، پر هن فيصلي جي سماجي، قانوني ۽ صنفي اثرن بابت سنجيده سوال اٿارڻ کي ضروري سمجهون ٿا. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته عدالت پنهنجي فيصلي ۾ پاڻ ڪيترين ئي جاچ واريون خاميون ڏيکاريون ڪيون آهن، جن ۾ نائله رند جي موبائل فون جو مڪمل فرانزڪ  جائزو نه وٺڻ، ڊجيٽل شاهدين جي جامع جاچ نه ٿيڻ، مختلف رخن کان اڻ ڌري تحقيق نه ٿيڻ ۽ سائبر هراساني جي الزامن جي حوالي سان لاڳاپيل ادارن جي مؤثر شموليت جو فقدان شامل آهي. اهي خاميون ان ڳالهه جي به عڪاسي ڪن ٿيون ته عورتن سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ جاچ ڪندڙ ادارا گهڻو ڪري گهربل پيشورانه سنجيدگي، مهارت ۽ حساسيت جو مظاهرو نٿا ڪن، جڏهن ته ڪيترن ئي موقعن تي عدالتي فيصلن ۾ به واقعن جي وسيع سماجي پسمنظر ۽ صنفي حقيقتن کي اها اهميت نٿي ملي، جنهن جا اهي مستحق آهن. ان حوالي سان هڪ ٻيو اهم پهلو به ڌيان طلب آهي. معزز عدالت ٽرائل ڪورٽ پاران ڏنل سزا کي رد ڪندي جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو ۽ ان بريت جو بنيادي سبب جاچ ۾ موجود خامين ۽ استغاثه پاران ڪيس کي معقول شڪ کان بالاتر ثابت نه ڪري سگهڻ کي قرار ڏنو. جڏهن ته عدالت پاڻ پنهنجي فيصلي ۾ نائله رند ۽ انيس احمد جي وچ ۾ مسلسل سائبر رابطن، موبائل ڪميونيڪيشن، ذاتي نوعيت جي تصويرن جي ڏي وٺ ۽ ٻنهي جي وچ ۾ لاڳاپي جي موجودگي جو به ذڪر ڪيو آهي. وومينز ايڪشن فورم جو اهو به موقف آهي ته هن فيصلي ۾ موجود ڪجهه قانوني ۽ استدلالي نڪتا سنجيده بحث جا متقاضي آهن. عدالت هڪ پاسي نائله رند ۽ انيس احمد جي وچ ۾ مسلسل رابطن، ڊجيٽل مواصلات، ذاتي تصويرن جي ڏي وٺ ۽ ٻنهي جي وچ ۾ لاڳاپي کي تسليم ڪيو آهي، ٻئي پاسي انهن ئي حقيقتن جي مجموعي اثرن کي خودڪشي جي سببن ۽ نفسياتي دٻاءُ جي تناظر ۾ خاطرخواهه اهميت نه ڏني وئي. عدالت جاچ جي خامين جي تفصيلي نشاندهي به ڪئي، پر انهن خامين جي ذميواري رياستي ادارن بدران عملي طور متاثر ڌر تي منتقل ٿيندي نظر اچي ٿي. فورم چيو ته هزارين ڇوڪريون ۽ عورتون سوشل ميڊيا، موبائل فون ۽ ٻين ڊجيٽل پليٽ فارمن ذريعي بليڪ ميلنگ، هراساني ۽ نفسياتي دٻاءُ کي منهن ڏئي رهيون آهن، هي فيصلو انهن لاءِ حوصلا افزائي بدران خوف پيدا ڪندڙ آهي. فورم اهو به ياد ڏيارڻ ضروري سمجهي ٿي ته نائله رند جو ڪيس ڪو الڳ واقعو نه آهي. نائله رند جي المناڪ موت کان پوءِ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين جي لڳاتار خودڪشين سڄي سماج کي لوڏي ڇڏيو. نائله رند کان پوءِ نمرتا ڪماري ۽ نوشين ڪاظمي جا ڪيس سامهون آيا، جن تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين جي تحفظ، هراساني، نفسياتي دٻاءُ ۽ انصاف جي فراهمي بابت انتهائي سنجيده سوال اٿاريا. تازو ميرپورخاص جي هڪ نجي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي خودڪشي واري واقعي به سائبر هراساني، آن لائين دٻاءُ ۽ نوجوان عورتن جي ذهني صحت بابت خدشن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي.

 

 

You might also like