اسلام آباد (بيورو) سينيٽر سرمد علي جي صدارت هيٺ سينيٽ جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خاص شرڪت ڪئي ۽ ڪيترائي دور رس پاليسي بيان ۽ انتظامي هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته ته ڊجيٽل ميڊيا هن ملڪ ۾ هڪ مڪمل طور خودڪفيل فورم آهي جنهن کي ڪنهن به قسم جي مالي سپورٽ يا مالياتي امداد جي ضرورت ناهي ٿيندي ۽ اسان جي پهرين ترجيح اها آهي ته ڊجيٽل ميڊيا جي تيز رفتار ترقي سبب ڪو به ملازم بيروزگار نه ٿئي ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا کي فيڊ ڪندڙ اصل ميڊيم اڃا به علائقائي اخبار يا ٽيليويزن ئي آهي، تنهنڪري جيڪڏهن اسان هن تيزي سان اڳتي وڌندڙ ميڊيم کي وڌيڪ تقويت ڏينداسين ته اها علائقي اخبار ۽ ٽي وي جي قيمت تي هوندي ۽ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي قربان ڪري ڪنهن به صورت ۾ ڊجيٽل ميڊيا کي اڳتي نه ٿو وڌائي سگهجي، ڊجيٽل پليٽفارم تي سڀ کان پهريون ۽ بنيادي حق علائقائي اخبارن جي ڊجيٽل شعبن جو آهي، عطا تارڙ چيو ته ڊجيٽل ميڊيا جي ڪري، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪو به ملازم بيروزگار نه رهي،جيڪڏهن اسان تيزي سان ترقي ڪندڙ ذريعو کي وڌيڪ مضبوط ڪريون ٿا، ته اهو اخبار ۽ ٽي وي جي قيمت تي هوندو،اشتهار جي پاليسي 2024 جي تحت، اسان علائقائي اخبارن جي ڊجيٽل شموليت کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڊجيٽل ميڊيا کي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي قيمت تي هٿي نٿي وٺرائي سگهجي، ڊجيٽل پليٽ فارم تي پهريون حق علائقائي اخبار جي ڊجيٽل شعبي جو آهي، سينيٽر سرمد علي چيو ته اسان کي پرنٽ ميڊيا کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ميڊيا فهرست کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.