فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته دشمن جي پراڪسي نيٽ ورڪن کي پاڪستان جي امن سان کيڏڻ نه ڏنو ويندو. ان کان اڳ آءِ ايس پي آر جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ سموري دهشتگردي جي پٺيان ڀارت آهي، جڏهن ته ان جي منصوبابندي ۽ تياري افغانستان ۾ ٿيندي آهي. ٻنهي فوجي اڳواڻن واضح ۽ بي لاڳ انداز ۾ ملڪ دشمن قوتن جي نشاندهي ڪندي اعلان ڪيو آهي ته سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگردي کي هر قيمت تي رياست جي مڪمل طاقت سان چيڀاٽي ختم ڪيو ويندو، جڏهن ته دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو مڪمل خاتمو هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. هٿياربند فوجن جي قيادت جو اهو اعلان عام طور تي پاڪستاني عوام لاءِ، ۽ خاص طور تي متاثر علائقن جي رهواسين لاءِ اطمينان جو سبب هجڻ گهرجي. پر بدقسمتي سان فوجي قيادت جي اهڙن اعلانن باوجود ملڪ جا ماڻهو مايوسي جو شڪار آهن ۽ سندن نظر ۾ دهشتگردي، بدامني ۽ شدت پسندي جي خاتمي بابت ڪا خاص اميد نظر نٿي اچي. ان جو هڪ وڏو سبب دهشتگرد حملن جو مسلسل جاري رهڻ آهي، جڏهن ته سرڪاري ادارن طرفان هن مسئلي جي حل لاءِ صرف طاقت جي استعمال تي زور ڏيڻ به صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيو آهي.
حڪومتي ۽ فوجي قيادت جو موقف آهي ته افغانستان پنهنجي سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ ڏئي رهيو آهي، ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ اڪثر حملا افغانستان ۾ تربيت ورتل عنصرن جي هٿان ٿين ٿا. ڪجهه دهشتگرد گروهن جا ٺڪاڻا به افغانستان ۾ موجود آهن، جتان ويهي پاڪستان اندر هدف مقرر ڪيا وڃن ٿا ۽ پوءِ حملن ذريعي نقصان پهچايو وڃي ٿو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري بلوچستان جي امن امان واري صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل چئن ڏينهن دوران بلوچستان ۾ دهشتگردي جا ٽي وڏا واقعا پيش آيا، جن ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندوستان سان لاڳاپيل دهشتگردن پنهنجن ناپاڪ مقصدن لاءِ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو. سندس چوڻ هو ته فتنه الهندوستان جو بلوچستانيت سان ڪو تعلق ناهي، جڏهن ته فتنه الخوارج جو اسلام سان ڪو واسطو ناهي. رياست پاڪستان جو موقف ان معاملي تي بلڪل واضح آهي ۽ دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ سرپرستن جو هر حد تائين پيڇو ڪيو ويندو. بهرحال، بنيادي سوال اهو آهي ته پاڪستان جن ٻن خودمختيار پاڙيسري ملڪن کي دهشتگردي جو ذميوار سمجهي ٿو، انهن کي عملي طور ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟
گذريل ڪجهه مهينن دوران پاڪستان افغانستان سان ڀائپي وارن لاڳاپن جي باوجود اتي فضائي حملا ڪري دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه ڪرڻ ۽ شرپسند عنصرن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان جي باوجود دهشتگردي ۾ عارضي گهٽتائي ته اچي ٿي، پر موقعو ملندي ئي اهي عنصر ٻيهر سرگرم ٿي وڃن ٿا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن کي منظم ٿيڻ ۽ هٿيار حاصل ڪرڻ جا موقعا اڃا تائين موجود آهن. پاڪستان کي افغانستان تي فضائي برتري حاصل آهي، تنهن ڪري هو ان صلاحيت جي بنياد تي ڪنهن حد تائين ڪابل حڪومت تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿو. پر اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته بنا ضرورت طاقت جو مسلسل استعمال دشمن کي به تياري ڪرڻ، جنگي حڪمت عملي ٺاهڻ ۽ پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ جا موقعا ڏئي سگهي ٿو. شايد انهيءَ ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ رينجرز جي هيڊڪوارٽر تي حملو ٿيو ۽ پوءِ بلوچستان ۾ پوليس چوڪي تي حملي دوران ڪيترائي اهلڪار مارجي ويا.
اهو به غور طلب آهي ته پاڪستان جنهن شدت سان افغانستان اندر دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪيون آهن، اهڙي ڪا عملي ڪوشش ڀارت خلاف نظر نٿي اچي. شايد انهيءَ ڪري ڀارت تي صرف سهولتڪاري جو الزام لڳائي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته دشمن جي سڃاڻپ ٿي وئي. پر رڳو الزام لڳائڻ سان مسئلو حل نٿو ٿئي. پاڪستان کي خبر آهي ته ڀارت به مقبوضه ڪشمير ۾ دهشتگردي بابت پاڪستان تي لڳ ڀڳ اهڙا ئي الزام لڳائيندو رهيو آهي، جهڙا هاڻي پاڪستان ڀارت تي لڳائي رهيو آهي. ايتري تائين جو ڀارتي انتهاپسند قيادت گذريل مئي ۾ پاڪستان کي سزا ڏيڻ لاءِ "آپريشن سندور” شروع ڪيو. ڀارتي حڪومت جو دعويٰ آهي ته انهن اهڙن دهشتگرد گروهن کي نشانو بڻايو جيڪي پاڪستان ۾ ويهي ڀارت ۾ دهشتگردي ڪن ٿا، جڏهن ته پاڪستان انهن الزامن کي رد ڪري ٿو. جنگ ۾ ناڪامي باوجود به ڀارت "آپريشن سندور” جاري رکڻ تي زور ڏئي رهيو آهي. ان مان اهو سبق ملي ٿو ته الزام لڳائڻ آسان هوندو آهي، پر ڪنهن خودمختيار ملڪ کي اهڙي عمل کان روڪڻ تمام ڏکيو هوندو آهي. اهو ڪم صرف فوجي طاقت سان نٿو ٿي سگهي. ايران ۽ آمريڪا جي تڪرار مان به ساڳيو نتيجو نڪري ٿو، جتي پاڪستان ثالثي جون ڪوششون ڪيون. آمريڪا ايران کي دهشتگرد رياست قرار ڏئي ٿو، پر آخرڪار جنگ روڪڻ لاءِ سفارتي ذريعا اختيار ڪرڻا پون ٿا.
پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ٻئي تي جنهن شدت سان الزام لڳايا آهن، اوتري سنجيدگي سان باهمي رابطن ۽ ڳالهين تي ڌيان نه ڏنو ويو آهي. اسلام آباد ۽ نئين دهلي کي اهو قبول ڪرڻ گهرجي ته هو هڪ ٻئي کي فوجي طاقت سان مڪمل طور شڪست نٿا ڏئي سگهن. تنهن ڪري الزام تراشي بدران سفارتي رستو اختيار ڪيو وڃي، جيئن ٻنهي ملڪن جا نمائندا آمهون سامهون ويهي هڪ ٻئي جون شڪايتون ٻڌن ۽ گڏيل حل ڳولين. جيڪڏهن پاڪستان ڀارت سان مفاهمت جو ڪو فريم ورڪ تيار ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ۽ ان کي عملي شڪل ڏني وڃي ته ان جا اثر لازمي طور پاڪ-افغان لاڳاپن تي به پوندا. جيڪڏهن ڀارت افغانستان جي ذريعي پاڪستان مخالف عنصرن جي مدد بند ڪري ته ڪابل حڪومت به اهڙي مفاهمت جو حصو بڻجڻ ۾ دلچسپي وٺندي، جنهن سان چين جهڙا ملڪ به وڌيڪ سيڙپڪاري لاءِ تيار ٿي سگهن ٿا.
متوازي سفارتي ڪوششن کان سواءِ صرف هڪ طرفي فوجي دٻاءُ تشدد ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، پر ان سان دهشتگردي مڪمل طور ختم نه ٿيندي. البته فوجي طاقت کي ڳالهين دوران بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ دٻاءُ واري اوزار طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. ٻي صورت ۾ جڏهن ڪنهن دهشتگرد واقعي کان پوءِ "ڪلين اپ آپريشن” جي نالي تي ماڻهن کي گهيري ماريو وڃي ٿو ته ان سان معاشري ۾ وڌيڪ خونريزي پيدا ٿئي ٿي، ۽ ڪيترن ئي خاندانن يا قبيلن ۾ اهو احساس جنم وٺي ٿو ته کين ناجائز طور نشانو بڻايو ويو آهي. ڪنهن به ملڪ ۾ مسلسل تشدد جو استعمال اهڙي مزاحمت ۽ ناراضگي کي جنم ڏئي سگهي ٿو، جيڪا قومي اتحاد ۽ ترقي لاءِ هرگز فائديمند ناهي.
ٻاهرين عنصرن سان مقابلي سان گڏ پاڪستاني حڪمرانن کي ملڪ اندر شدت پسندي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ به سنجيده قدم کڻڻ گهرجن. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ نوجوان، جيڪو هڪ ڇوڪري کي هراسان ٿيڻ کان بچائڻ تي اعتراض ڪندڙ هوائي فوج جي هڪ گروپ ڪيپٽن کي گولي هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. اهو نوجوان اسلام آباد جي مصروف شاهراهه تي ڀريل پسٽل کڻي گهمي رهيو هو. هو نه ڪو پيشه ور قاتل هو ۽ نه ئي ڪو وڏو ڏوهاري، پر ان جي هٿيار تائين آساني سان رسائي هئي ۽ ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ به تيار هو. اهو واقعو ملڪ جي امن امان واري صورتحال ۽ معاشري ۾ وڌندڙ تشدد واري رجحان جي نشاندهي ڪري ٿو.اهڙا لاڙا ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران غلط پاليسين جي نتيجي ۾ مضبوط ٿيا آهن. انهن جو خاتمو صبر، بردباري ۽ هڪ مضبوط علمي ۽ سماجي منصوبي سان ئي ممڪن آهي. پر ان جي شروعات سڀ کان پهرين سرڪاري ادارن ۾ موجود انتهاپسند ذهنيت کي ختم ڪرڻ سان ٿيڻ گهرجي. ان سان گڏ سياسي ۽ فوجي قيادت کي به پنهنجي تقريرن ۽ بيانن ۾ تشدد کي فخر جو سبب بڻائڻ بدران، ان کي رڳو انتهائي مجبوريءَ ۾ اختيار ڪيل آخري رستو قرار ڏيڻ گهرجي.