ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگرد تنظيمن جي جهيڙي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري صوبائي وزير اسماعيل راهو ڪراچي يونيورسٽي ۾ گذريل ڏينهن ٻن شاگرد تنظيمن وچ ۾ ٿيل جهيڙي جي جاچ لاءِ 5 رڪني اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
ترجمان موجب، ڪميٽي جو ڪنوينر شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر حسين مهدي کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر غضنفر، ڊاڪٽر سرفراز ميتلو، پروفيسر ڊاڪٽر انتخاب الفت ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نائمه سعيد به ڪميٽي جا ميمبر آهن.
اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 15 ڏينهن اندر واقعي جي مڪمل جاچ ڪري سفارشون سميت پنهنجي رپورٽ سنڌ جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي کي پيش ڪري.
صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته واقعي جي هر رخ کان شفاف ۽ اڻڌري جاچ ڪئي وڃي، ذميوار فردن ۽ گروهن جي نشاندهي ڪئي وڃي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي خامين جو جائزو وٺي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي لاءِ سفارشون پيش ڪيون وڃن.
ٻئي پاسي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيل جهيڙي جو ڪيس مبينا ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، زخمي شاگرد جي فرياد تي ڪيترن ئي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ وڳوڙ ۽ تشدد سميت مختلف قلم شامل ڪيا ويا آهن.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جون سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.
واقعي کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي جي سيڪيورٽي به وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جهيڙي جي سببن ۽ ذميوارن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جاري آهي.

You might also like