جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي اميدوارن جو اوسيئڙو ختم، 55 سيڪڙو مارڪن وارن کي آفر آرڊر جاري ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي ويٽنگ اميدوارن جي مستقبل بابت اهم اجلاس ۾ جونيئر سائنس ٽيچر (JST) لاءِ 55 سيڪڙو مارڪس حاصل ڪندڙ اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ جونيئر سائنس ٽيچر (JST)، پرائمري اسڪول ٽيچرز (PST) ۽ ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرز (ECT) جي ڀرتين بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس دوران اسپيڪر اويس قادر شاهه چيو ته حڪومت جي ڀرتين بابت ڪيل فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو پيو وڃي.
هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي آفر ليٽر جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي.
اجلاس ۾ عدالتي فيصلن، قانوني گهرجن ۽ ڊيٽا جي تصديق بابت معاملن تي پڻ صلاح مشورا ڪيا ويا.
اسپيڪر اويس قادر شاهه هدايت ڪئي ته قانوني مشاورت مڪمل ڪري سموريون قانوني پيچيدگيون ختم ڪيون وڃن ۽ اميدوارن کي جلد کان جلد مقررين جا آرڊر جاري ڪيا وڃن، جيئن تعليمي ادارن ۾ استادن جي کوٽ کي ختم ڪري سگهجي.

 

You might also like