اٽي جي اگهه ۾ وري واڌ، اختياريون ڪٿي آهن؟

محمد اسماعيل لانگاھ

سنڌ ۾ روزمره استعمال ٿيندڙ بنيادي خوراڪ جي شين، خاص طور تي اٽي جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيل واڌ عوام تي مهانگائي جو نئون بم بڻجي ڪري آهي. هن وقت صوبي جي شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اٽو 140 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن تي غريب ۽ مزدوري ڪندڙ طبقي کي سخت ڳڻتيءَ ورائي وئي آهي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي سنڌ حڪومت سميت ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا مجرماڻي خاموشي اختيار ڪيل آهي، جنهن کي ڏسي ائين چئي سگهجي ٿو ته اختيارين کي غريب عوام جي پريشانين جو ڪوبه احساس يا قياس ناهي. بنيادي سبب اهو آهي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪندڙ سنڌ جي ڪامورن جي چويهن ڪلاڪن جي شاهي کاڌ خوراڪ جو سمورو خرچ مفت جو هجي ٿو، تنهنڪري کين ڪهڙي خبر ته هڪ مسڪين ماڻهو سڄو ڏينهن ڪيئن پگهر وهائي ٿو ۽ ڪيتري تڪليف سان مزدوري ڪري پنهنجي معصوم ٻارن جو پيٽ پالي ٿو!

گذريل ڪجهه ڏينهن دوران اوچتو اٽي جا اگهه وڌڻ جي باوجود حڪومت نه ته عوام کي ڪو سبب ٻڌائي سگهي آهي ۽ نه وري انهن هٿرادو مهانگائي ڪندڙ منافعي خورن خلاف ڪو ايڪشن پلان تيار ڪيو ويو آهي. هن سرڪاري لاپرواهي جي ڪري عام ماڻهو، خاص ڪري گهٽ آمدني وارا گهر سخت مالي پريشانيءَ جو شڪار آهن، ڇاڪاڻ ته اٽو هر گهر جي بنيادي ضرورت آهي ۽ ان جي قيمت وڌڻ سان سڄي گهرو بجيٽ متاثر ٿي وئي آهي. مارڪيٽ جي ذريعن موجب، گذريل ڪجهه هفتن کان اٽي جي قيمت ۾ لڳاتار واڌ جو سلسلو جاري آهي، جنهن تي فلور ملز مالڪن ۽ وڏن واپارين جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي قيمتن ۾ اضافو، ٽرانسپورٽ خرچن جي وڌڻ ۽ مارڪيٽ ۾ سپلاءِ جي گهٽتائي ان واڌ جا اهم سبب آهن، پر ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته روزانو اجورو ڪمائيندڙ ڏهاڙي دار مزدور لاءِ هاڻي ٻن وقتن جي ماني جو بندوبست ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي.

شهرن ۽ ڳوٺن جي رهواسين جو پڻ اها دانهن آهي ته ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي سبب بجلي، گيس ۽ ٻين ضروري شين جا خرچ وڌي چڪا آهن، مٿان وري اٽي جو مهانگو ٿيڻ سندن پهچ کان ٻاهر ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ڪيترن ئي خاندانن کي پنهنجي روزمره جي ٻين ضروري خرچن ۾ مجبوريءَ تحت ڪٽوتي ڪرڻي پئجي رهي آهي. معاشي ماهرن پڻ چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن حڪومت وقت سر جوڳا قدم نه کنيا ته مهانگائي جو هي طوفان وڌيڪ شدت اختيار ڪندو، جنهن جو سڀ کان وڏو اثر غريب ۽ وچولي طبقي تي پوندو. اٽي جي اگهه ۾ واڌ ڪا نئين ڳالھه ناهي، پر ناقص حڪمراني ۽ بدانتظامي سبب هتي عوام پهرين ئي پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، مٿان وري منافعي خوري جي آزار ۽ هٿرادو مهانگائي غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، جتي هڪ ته ماڻھن کي روزگار نٿو ملي، ٻيو وري حڪومت طرفان بيروزگار ماڻھن جي ڪا مدد نٿي ڪئي وڃي. ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر اٽي جي اگهن ۾ هيڏو اضافو سنڌ حڪومت جي سنئين سڌي غفلت ۽ لاپرواهي کي ظاهر ڪري ٿو.

صارفين جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ پرائس ڪنٽرول ۽ نگراني جو سرڪاري نظام مڪمل طور ناڪام ۽ ڪمزور ٿي چڪو آهي، جنهن جو فائدو وٺي وڏا واپاري من پسند قيمتون مقرر ڪري رهيا آهن، تنهنڪري انهن مطالبو ڪيو آهي ته قيمتن جي باقاعده نگراني ڪئي وڃي ۽ ذخيرو اندوزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هتي سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته جڏهن ڪڻڪ جو نئون فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ آيو هو، تڏهن ان جو اگهه ڇا هو ۽ هاڻي ڪٿي وڃي پهتو آهي؟ ائين اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته غريبن مٿان مهانگائي جا بم ڪيرائڻ ۾ حڪمران ڪٿي نه ڪٿي منافعي خور ٽولي سان ٻٽ بڻيل آھن. هن وقت پوري سنڌ اندر لکين ٽن ڪڻڪ جون ٻوريون ننڍن واپارين کان وٺي وڏن ڊيلرن جي گودامن ۾ ذخيرو ٿيل آهن، پر پرائس ڪنٽرول ڪميٽيون خاموش آهن، ائين ٿو لڳي ته هتي انصاف ۽ رليف صرف ظالمن لاءِ آهي ۽ مظلوم غريب طبقي لاءِ سمورا در بند ڪيا ويا آهن.

هاڻي عوامي سطح تي اهو مطالبو تيزي سان زور وٺي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت، صوبائي توڙي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي انتظاميا کي متحرڪ ڪري اٽي ۽ ڪڻڪ جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻي، جيئن عام ماڻهو کي سستو اٽو ملي سگهي. حڪومت کي گهرجي ته مهانگائي تي ضابطو آڻي بنيادي خوراڪ جي شين کي عام ماڻهو جي پهچ ۾ رکي، جيئن غريب طبقي جو گذر سفر ڪنهن حد تائين آسان ٿي سگهي ۽ عوام کي هن عذاب مان نجات ملي سگهي.

 

You might also like