رسول بخش پليجي صاحب پنهنجي سموري ڄمار دنيا جي مظلوم قومن ۽ طبقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري. سندس سياسي جدوجهد رڳو سنڌ تائين محدود نه رهي پر عالمي سطح تي قومي حقن جي حاصلات، جمهوريت ۽ پورهيت عوام جي حقن واري فڪر سان جڙيل هئي. هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ تحريڪن ۾ زبردست ۽ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. هن آمريتن خلاف ويڙه ڪئي. هر آمر ۽ جابر خلاف آواز اٿاريو. سنڌ جي پاڻي، زمينن، وسيلن ۽ قومي حقن لاءِ زبردست ويڙه ڪئي. هن پنهنجي علمي ۽ عملي جدوجهد وسيلي تاريخي ڪردار ادا ڪيو. پليجي صاحب جي جسماني طور جدا ٿي وڃڻ کانپوءِ سندس پارٽي عوامي تحريڪ هن جي نقش قدم تي هلندي هن وقت به سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلي تي ميدان تي آهي.
رسول بخش پليجي صاحب جي مزار، جيڪا جنگشاهي شهر ۽ ريلوي اسٽيشن ويجهو ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ نئيوات جي ڪپ تي واقع آهي، اها مزار ۽ ان ۾ هر سال 7 جون تي پليجي صاحب جي ورسي جي حوالي سان ٿيندڙ پروگرام صرف عام سياسي ميڙ نه هوندو آهي پر اهو منظم، تربيت يافته ڪارڪنن جو ميڙ سموري سنڌ بلڪه سموري پاڪستان ۽ دنيا جي مظلومن ۽ پورهيتن لاءِ اتساه، انقلابي جوش ۽ جذبي ۽ سياست ۾ ويساه وڌائڻ جو وسيلو آهي. جنگشاهي جي ان انقلابي پٽ خلاف هر وقت سنڌ دشمنن ۽ پورهيت دشمنن جون سازشون ٿينديون رهيون آهن. تازو ئي پليجي صاحب جي مزار ۽ جلسي گاه جي ان پلاٽ جتي هر سال سموري سنڌ گڏ ٿي پنهنجي عظيم قائد ۽ دنيا جي مظلوم قومن ۽ طبقن جي سگهاري آواز محترم رسول بخش پليجي صاحب کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، 28هين ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ترميمي ايڪٽ سميت سنڌ ۽ ملڪ دشمن منصوبن خلاف هڪ زبردست ۽ سگهارو احتجاج پڻ ڪيو، اهو احتجاج به راهوڪي جي هاري ڪانفرنس وانگر موجوده هائبرڊ جمهوري نظام لاءِ هڪ چيلينج بڻجي سامھون آيو، اهو ئي سبب آهي جو ٻن پوليس اهلڪارن ۽ هڪ حاضر سروس فوجي اهلڪار پيپلزپارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائي سان جنگشاهي جي ان اتساهيندڙ پٽ تي قبضو ڪيو آهي. قبضي تائين ئي معاملو محدود نه رهيو پر پيپلزپارٽي ۽ پوليس ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سهولتڪاري سان قبضو ڪندڙن پليجي صاحب جي تصويرن وارن پينافليڪس بينرن کي ڦاڙي اتي موجود پليجي صاحب جي فيملي ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي به سخت تشدد جو نشانو پڻ بنايو. ان عمل خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان فوري رد عمل سامهون آيو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ هنگامي طور حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي.
اڳواڻن چيو ته سنڌ جي حڪمران ڌر پيپلز پارٽي عوامي تحريڪ مٿان حملي آور ٿي آهي. ورسي جي ڪامياب جلسي کان فوري پوءِ حڪمران ڌرين طرفان مختلف ملڪن ۾ ويهاريل پنهنجي پگهاردار ايجنٽن ذريعي سوشل ميڊيا تي عوامي تحريڪ ۽ قائد محترم رسول بخش پليجي صاحب خلاف هڪ منظم مهم شروع ڪرائي وئي، جنهن ۾ مسلسل غليظ، غير اخلاقي ۽ توهين آميز ٻولي استعمال ڪئي وئي. پليجي صاحب جي نالي سان سوشل ميڊيا تي ڪوڙا اڪائونٽس ۽ آئيڊيون ٺاهي ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ مذهبي شخصيتن خلاف پوسٽون شيئر ڪيون ويون ته جيئن محترم رسول بخش پليجي صاحب ۽ عوامي تحريڪ خلاف سڄي ملڪ ۾ نفرت پکيڙي سگهجي.
هڪ طرف محترم رسول بخش پليجي صاحب ۽ عوامي تحريڪ خلاف اها غليظ پروپيگنڊا مهم تيزي سان جاري هئي ته ٻئي طرف ورسي جي جلسي عام کان 10 ڏينهن بعد 17 جون تي پليجي صاحب جي مزار تي پليجي صاحب جي ورسي جي جلسي گاهه جي اوڀر طرف ڏنل ديورا (ڀت) کي ٽوڙي اندر گهڙي جلسي گاهه جي پڇڙي واري گرائونڊ تي قبضو ڪيو ويو آهي. 30 جون 2026ع تي قبضاگيرن ورسي جي موقعي تي مزار تي لڳايل پليجي صاحب جي تصويرن ۽ سياسي مطالبن وارن پينافلڪسن کي ڦاڙي، قائد جي تصوير جي توهين ڪئي، وڌيڪ گرائونڊ ۽ تربت تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.عوامي تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته عوامي تحريڪ سنڌ سرڪار ۽ ان جي ونگاري پوليس انتظاميه کي واضح ٻڌائڻ چاهي ٿي ته اهو بزدلاڻو ۽ آمراڻو عمل عوامي تحريڪ جا ڪارڪن، محترم رسول بخش پليجي صاحب سان محبت ڪندڙ ماڻهو، اديب، دانشور، شاعر، وڪيل، صحافي، سياسي اڳواڻ توڙي سماجي شخصيتون، ملڪ توڙي سنڌ جو باشعور عوام ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو. عوامي تحريڪ ڪوڙن ڪيسن، گرفتارين کان ڪنهن به صورت ۾ خوفزده نه ٿيندي. عوامي تحريڪ جو هر هڪ ڪارڪن پنهنجي جدوجهد ڪري رکندو.
ان کانپوءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ عوامي تحريڪ طرفان پليجي صاحب جي مزار ۽ جلسي گاه جي پلاٽ تي قبضي خلاف زبردست احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. 7 جولائي 2026ع تي هزارين عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن مڪلي کان ٺٽي تائين احتجاجي مارچ ڪيو. مارچ ۾ ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته جنگشاهي سياست مان ارواهه کڄي ويل ماڻهن کي اتساهه ڏئي ٿو. ان جنگشاهي خلاف سازشون ٿي رهيون آهن. پورهيت دشمن قوتون عوامي تحريڪ کان ڇرڪيل آهن. عوامي تحريڪ سنڌ جي زمينن ۽ پاڻي جي تحفظ لاءِ ميدان ۾ آهي. پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان تي قابض قوتن جنگشاهي خلاف سازشون ڪيون آهن. عوامي تحريڪ واضح ڪري ٿي ته پليجي صاحب جي مزار ۽ جلسي گاه جي پلاٽ تي ڪوبه قبضو قبول نه ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي قومي حقن لاءِ ويڙهه جاري رهندي
ٻئي طرف ان معاملي تي ٺٽو ڪورٽ ۾ ڪيس پڻ هلندڙ آهي. ان ڪيس جي 21 جولائي 2026 تي ٻڌڻي رکيل آهي. عوامي تحريڪ هميشه سنڌ جي حقن لاءِ پرامن جمهوري سياسي ۽ آئيني جدوجهد ڪئي آهي. اڄ به عوامي تحريڪ مڪمل پرامن طور تي احتجاجي مظاهرن وسيلي اهو پيغام ڏئي پئي ته جيڪي قوتون امن امان خراب ڪرڻ چاهين ٿيون عوامي تحريڪ سنڌي قوم جي ساٿ سان انهن جي سمورين سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پنھنجي پرامن، جمهوري ۽ آئيني جدوجھد جاري رکندي ۽ هميشه ميدان تي رهندي.