حيدرآباد (عوامي آواز نيوز) حيدرآباد ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي مستحق عورتن جي هر قسط مان غيرقانوني طور رقم ڪٽيندڙ 8 ڊيوائس هولڊرز کي گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي موجب شڪايت ملڻ تي لطيف آباد ۾ قائم بي آءِ ايس پي ٽرنچ سينٽر تي ڇاپو هنيو ويو، جتي ڊيوائس هولڊر مستحق عورتن جي هر قسط مان 1500 کان 2000 رپيا غيرقانوني طور ڪٽي رهيا هئا، ڪارروائي دوران 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري بايوميٽرڪ ڊيوائسون، اهم رڪارڊ ۽ 13 لک 86 هزار رپين کان وڌيڪ رقم هٿ ڪئي وئي، ايف آءِ اي اختيارين موجب گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سندن نشاندهي تي وڌيڪ ڪارروائي جاري آهي.