ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي ڊرائيورن جو گهٽ پگهارن خلاف احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي ڊرائيورن گهٽ پگهار ۽ اضافي ڊيوٽي خلاف احتجاج ڪيو، جنهن سبب بس سروس جزوي طور متاثر ٿي وئي، احتجاج ڪندڙ ڊرائيور يو پي ڊپو ۾ گڏ ٿيا  ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، ڊرائيورن جو مطالبو هو ته اسان جي پگهارن کي ٽرپ سسٽم سان نه ڳنڍيو وڃي، هر مهيني چار موڪلون ۽ مفت طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻئي طرف انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڊرائيور پنهنجون مقرر ڊيوٽيون مڪمل نٿا ڪن، جنهن ڪري پگهارن کي ٽرپ سسٽم سان ڳنڍيو ويو آهي، انتظاميا موجب روزانو ٻن ٽرپن تي ڊرائيورن کي ماهوار 60 هزار رپيا پگهار ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته اضافي ٽرپن جا الڳ پئسا پڻ ادا ڪيا وڃن ٿا.

 

You might also like