ڪراچي ۾ هر قسم جي رڪشا تي پابندي لڳائڻ جي تياري

ڪراچي (رپورٽر) ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه چيو آهي ته شهر ۾ هر قسم جي رڪشي تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي ۽ مستقبل ۾ صرف اهي رڪشا روڊن تي هلائي  سگهبا، جن ۾ ميٽر لڳل هوندو، ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چنگچي رڪشن کي مک شاهراهن تان هٽائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته ٽريفڪ نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ نيون پاليسيون جوڙيون پيون وڃن، اي ٽڪيٽنگ سسٽم سيف سٽي منصوبي جو حصو آهي، جنهن سان ٽريفڪ جي رواني ۾ نمايان بهتري آئي آهي، اي چالان لاڳو ٿيڻ کان پوءِ شهر ۾ ٽريفڪ حادثن جي شرح گهٽجي وئي آهي، هن اعتراف ڪيو ته آٽو جنريٽيڊ اي چالان سسٽم ۾ ڪڏهن ڪڏهن غلطيون به ٿين ٿيون، جن جي درستگي ۽ شهرين کي رليف ڏيڻ لاءِ انفراسٽرڪچر بهتر بڻايو پيو وڃي، دنيا ۾ هر سال لڳ ڀڳ 10 لک ماڻهو روڊ حادثن ۾ حياتيون وڃائين ٿا، ڪراچي ۾ گذريل سال ڳري ٽريفڪ سبب 164 ماڻهو فوت ٿيا هئا، جڏهن ته هلندڙ سال انهن فوتگين ۾ 45 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

 

You might also like