سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ۽ صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزمان جي گڏيل صدارت هيٺ صوبي ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن ۽ اٽي جي قيمتن جو جائزو وٺڻ ۽ ذخيرا اندوزي، غير قانوني  ذخيرن ۽ مصنوعي مهانگائي خلاف گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ سيڪريٽري خوراڪ، سڀني ڊويزنل ڪمشنرن، صوبي جي ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ خوراڪ کاتي جي فيلڊ آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو۔ اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته صوبي ۾ 290 فلور ملون ۽ 1,033 لائسنس يافته ڪڻڪ جا ٽريڊرز ڪم ڪري رهيا آهن۔ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ڪابينا جي فيصلي مطابق ڪڻڪ جي ذخيرا اندوزن ۽ غير قانوني طور ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪئي ويندي۔ اجلاس ۾ وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو ته غير قانوني طور ذخيرو ڪيل ڪڻڪ اڳ ۾ نوٽيفائيڊ ڪيل قيمت تي ضبط ڪئي ويندي۔ مقرر حد کان وڌيڪ ڪڻڪ جي ذخيري کي ذخيرا اندوزي تصور ڪيو ويندو ۽ اهڙي ڪڻڪ حڪومت پاران اڳ ۾ نوٽيفائيڊ ڪيل قيمت تي ضبط ڪئي ويندي۔ اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته رجسٽرڊ فلور ملن، چڪين ۽ لائسنس يافته ٽريڊرز کان سواءِ جيڪڏهن ڪو به شخص، فرم يا ادارو غير قانوني طور ڪڻڪ جو ذخيرو رکڻ ۾ ملوث مليو ته ان خلاف لاڳاپيل قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي۔ اهڙي ڪڻڪ پڻ حڪومت پاران نوٽيفائيڊ ڪيل قيمت تي ضبط ڪئي ويندي۔ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سڀني ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ خوراڪ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي حدن ۾ ڪڻڪ جي ذخيرا اندوزي خلاف فوري طور گڏيل ڪارروائي شروع ڪن۔

 

You might also like