افغانستان ۾ موجود دهشت گرد تنظيمون پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرو آهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته افغانستان ۾ موجود دهشت گرد تنظيمون پاڪستان جي سلامتي لاءِ مسلسل خطرو آهن ۽ ڪنهن به ملڪ، خاص طور پاڪستان، خلاف افغان سرزمين استعمال نه ٿيڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ ڪروشيا جي پرڏيهي وزير سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڪروشيا جي پرڏيهي وزير ۽ سندس وفد کي پاڪستا اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستان ۽ ڪروشيا وچ ۾ خيرسگالي، گڏيل اعتماد ۽ دوستاڻا لاڳاپا موجود آهن، جڏهن ته ڪروشيا کي پاڪستان جي سيڙپڪاري دوست پاليسين مان فائدو وٺڻ گهرجي، اسحاق ڊار چيو ته عالمي برادري کي دهشت گردي جي خاتمي لاءِ گڏيل  ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻيون پونديون، ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور معطل ڪرڻ ۽ پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ بين الاقوامي قانونن ۽ معاهدن جي ڀڃڪڙي آهي.

 

You might also like