پاڪستان جي برآمد ۾ ڪو به واڌارو نه پيو ٿئي:گوهر اعجاز

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي نگران وفاقي وزير واپار ۽ واپاري اڳواڻ گوهر اعجاز ملڪ جي برآمدات ۾ گهٽتائي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي۔هڪ بيان ۾ هن  چيو ته پاڪستان جي برآمد ۾ ڪو به واڌارو نه ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ملڪ جو واپاري خسارو لڳاتار وڌي رهيو آهي۔هن چيو ته حڪومت 2023ع ۾ برآمد ۾ ساليانو 10 سيڪڙو واڌ جو هدف مقرر ڪيو هو، جيڪو مالي سال 2024-2023ع دوران حاصل ڪيو ويو ۽ ملڪ جي برآمد 30 ارب 90 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن تائين پهچي وئي هئي۔گوهر اعجاز جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت گذريل ٻن سالن دوران برآمد  ۾ ساليانو 10 سيڪڙو واڌ جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جنهن سبب ملڪ جي برآمد 30 ارب آمريڪي ڊالرن تائين محدود رهي، گذريل ٻن سالن دوران پاڪستان 8 ارب آمريڪي ڊالر جي اضافي برآمد جو موقعو وڃائي ويٺو آهي۔

 

You might also like