واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي ميڊيا سي اين اين موجب، علائقي جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ قطر هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا ۽ ايران کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن۔رپورٽ موجب، سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيل گذريل ڳالهين واري دور جا بنيادي ٽياڪڙ پاڪستان ۽ قطر هئا، جنهن جي نتيجي ۾ جون جي وچ ڌاري هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان کان اڳ ٿيندڙ ڳالهين جي مرحلن ۾ عمان پڻ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو هو۔ٻئي طرف، اربع ڏينهن پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ سڀني ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جيڪي علائقي جي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائين۔پرڏيهي وزارت چيو ته علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. پاڪستان سڀني ڌرين تي زور ڏئي ٿو ته هو اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت ڪيل پنهنجن واعدن تي عمل ڪن۔